Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

ڏنو، حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام کيس صديقِ اڪبر چئي ڪري پڪاريو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن به کين صِدّيقِ اڪبر جي مبارڪ لقب سان نوازيو.

  هاڻي غور ڪرڻو آهي ته صديقِ اڪبر جي معنٰي ڇا آهي؟ هونئن ته صديق جي معنٰي هوندي آهي: نهايت سچو. يقينن حضرت ابوبڪر رَضِىَ اللهُ عَنْه تمام گهڻا سچا آهن، ان سان گڏوگڏ صديق جي هڪ معنٰي آهي: تصديق ڪرڻ وارو. تصديق ڇا کي چوندا آهن؟ پختو يقين ۽ اعتماد کي تصديق چوندا آهن ۽ هي تصديق ڇا آهي؟ تصديق ايمان آهي. جي ها! ايمان جي تعريف آهي: ہُوَ التَّصْدِیْقُ بِمَا جَاءَ بِہٖ مُحَمَّد يعني محمد مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪو دين آندو، ان جي تصديق ڪرڻ کي ايمان چوندا آهن.[1] مطلب ته: ايمان تصديق جو نالو آهي ۽ صديق جي معنٰي آهي: تصديق ڪرڻ وارو. يعني صِدّيقِ اڪبر جي معنٰي ٿيندي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي، سندن آندل دين تي سڀني کان وڌيڪ اهڙو ايمان آڻڻ وارو، جهڙو ايمان ڪنهن نه آندو.

سبھی علمائے اُمّت کے، امام و پیشوا ہیں آپ      بِلاشک پیشوائے اَصفیا صدّیقِ اکبر ہیں

خدا ئے پاک کی رحمت سے انسانوں میں ہر اک سے            فُزوں تر بعد از کُل انبیا صدّیقِ اکبر ہیں[2]

صِدّيقِ اڪبر تصديق ڪرڻ وارا آهن

  سيپارو: 24، سورة زُمر، آيت: 33 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ الَّذِیۡ جَآءَ  بِالصِّدۡقِ وَ صَدَّقَ بِہٖۤ اُولٰٓئِکَ ہُمُ  الۡمُتَّقُوۡنَ (۳۳)  (سيپارو: 24، سورة زُمر، آيت: 33)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو هي سچ کڻي تشريف وٺي آيو ۽ جنهن هن جي تصديق ڪئي اهي ئي پرهيزگار آهن.


 

 



[1] شرح العقائد النسفیہ ،صفحہ:273۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:566۔