Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو ايمان مشاهدي جي درجي ۾ هو

 پيارا اسلامي ڀائرو! ايمان جون مختلف ڪيفيتون ۽ مختلف درجا هوندا آهن، مثال طور ايمان جو هڪ درجو آهي: مشاهدو ۽ هڪ درجو: مجاهدو آهي. مجاهدي جي معنٰي آهي: ڀرپور ڪوشش ڪرڻ. جيڪو ٻانهو ايمان جي مجاهدي واري درجي ۾ هوندو آهي، اهو ايمان جي تقاضن تي عمل ته ڪندو آهي پر ان جي لاءِ ان کي شيطان لعين کي پري ڀڄائڻ ۽ شيطان کان وڙهڻو پوندو آهي جڏهن ته اهو ٻانهو جيڪو ايمان جي مشاهدي واري درجي ۾ هوندو آهي، اهو جڏهن عبادت ڪندو آهي ته ان جي سڄي توجھ الله ڪريم جي طرف هوندي آهي، اهو الله پاڪ جي قدرت، ان جي صفتن جي تجلين ۾ گم ٿي ڪري ائين عبادت ڪندو آهي، ڄڻ ته اهو الله پاڪ کي ڏسي رهيو آهي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مسلمانن جا پهريان خليفا، اميرُ المؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان هي آهي ته پاڻ ايمان جي مشاهدي واري درجي ۾ هئا. جيئن ته شيخُ المشائخ (يعني اولياءِ ڪرام جا استاد) حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حديثن ۾ آيو آهي ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه رات جي وقت نماز ۾ قرآنِ ڪريم آهسته آواز سان تلاوت فرمائيندا هئا ۽ جڏهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه نماز پڙهندا هئا ته قرآنِ ڪريم بلند آواز سان پڙهندا هئا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيو: اي عمر! تون رات جو بلند آواز سان تلاوت ڇو ڪندو آهين؟ عرض ڪيائون: اُوْقِظُ الْوَسْنَانَ وَ اَطْرُدُ الشَّیْطَانَ يعني مان سُتلن کي جاڳائيندو ۽ شيطان کي ڀڄائيندو آهيان.

پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيو: اي ابوبڪر! تون آهسته آواز ۾ تلاوت ڇو ڪندو آهين؟ عرض ڪيائين: قَدْ اَسْمَعْتُ مَنْ نَاجَيْتُ يَا رَسُولَ الله يعني يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان جنهن ربُّ العالمين کي ٻڌائي رهيو هوندو آهيان، اهو ربُّ ڪريم (ته دلين جا حال به چڱي