Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

سندن نسب رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خانداني شجري سان وڃي ملي ٿو، * آزاد مردن ۾ حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه سڀ کان پهريان ايمان قبول ڪيو * صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام جي خاطر  تمام غزوات ۾ شريڪ ٿيا. * صُلح ۽ جنگ جي سڀني فيصلن ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وزير ۽ مُشير بڻجي زندگي جي هر واٽ تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ساٿ ڏئي جان نثاري ۽ وفاداري جو حق ادا ڪيو * 2 سال، 7 مهينا مَسنَدِ خِلافت تي رونق اَفروز رهيا.[1] * صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو 22 جُمادَی الاُخرٰي 13ھ تي انتقال ٿيو.[2] * پاڻ سبز سبز گنبذ  ۾ پنهنجي يارِ غار، رسولن جي تاجور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پهلو ۾ آرام فرما آهن.

جو یارِ غارِ  محبوبِ خُدا صِدِّیقِ اکبر ہیں                       وُہی یارِمَزارِ مصطفٰے صِدِّیقِ اکبر ہیں

سبھی اَصحاب سے بڑھ کر مقَّرب ذات ہے انکی       رفیقِ سرورِ اَرض و سما صِدِّیقِ اکبر ہیں[3]

صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه هميشه مسلمان آهن

   اي عاشقانِ رسول! حضرت ابوبڪر صِديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ايمان جو ڇا ته شان آهي جو پاڻ ننڍپڻ کان ئي مومن هئا. اعلٰي حضرت، امامِ اهلِ سنّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: 2 صحابه (1): هڪ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه. (2): ٻيا مولاءِ ڪائنات مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه. هي ٻئي عالَمِ اَرۡواح ۾ جڏهن تمام روحن الله پاڪ جي ربّ هجڻ جو اقرار ڪيو هو، ان وقت کان وٺي ڪري دنيا ۾ پيدا ٿيڻ تائين، دنيا ۾ پيدا ٿيڻ کان وٺي ڪري جواني تائين، جواني کان وٺي ڪري نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اعلانِ نبوت فرمائڻ تائين، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اعلانِ نبوت کان وفات تائين، وفات کان وٺي ڪري هميشه هميشه تائين مسلمان هئا ۽


 

 



[1] تاریخ الْخُلَفاء،صفحہ:54 ۔

[2] سنن کبریٰ للبیہقی ،کتاب الجنائز،باب  غسلِ المراۃ زوجہا،جلد:4،صفحہ:106،رقم:6663۔

[3] وسائلِ بخشش،صفحہ:565-566 ملقتقطًا۔