Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

جنت ۾ داخل ٿيو آهيان، پوءِ هڪ ساهمي آندي وئي، ان جي هڪ پُڙَ ۾ مون کي ويهاريو ويو، ٻئي پُڙَ ۾ منهنجي سموري امّت کي ويهاريو ويو ته منهنجو وزن منهنجي سموري امّت کان وڌيڪ هو، پوءِ هڪ پُڙَ ۾ سموري امّت کي رکيو ويو، ٻئي پُڙَ ۾ ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ويهاريو ويو ته ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه سموري امّت کان وزني هئا.[1]

عِلْم میں زُہد میں بےشُبہہ تُو سب سے بڑھ کر           کہ امامت سے تری کھل گئے جوہر صِدِّیق

اِس امامت سے کُھلا تم ہو امامِ اکبر                       تھی یہی رمزِ نبی، کہتے ہیں حیدر صِدِّیق[2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مضبوط دين وارا

  بخاري ۽ مسلم جي حديثِ پاڪ آهي، صحابيءِ رسول حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون خواب ڏٺو، مون تي ماڻهو پيش ڪيا ويا، انهن کي قميص پاتل هئي، ڪنهن جي قميص سيني تائين هئي، ڪنهن جي ان کان به گهٽ (۽ هڪ ٻيءَ روايت ۾ آهي: ڪنهن جي قميص سيني تائين هئي، ڪنهن جي دُنَ تائين، ڪنهن جي گوڏن تائين، ڪنهن جي اڌ پِنيءَ تائين[3])، پوءِ مون کي عمر فاروقِ اعظم (رَضِىَ اللهُ عَنْه) ڏيکاريا ويا، انهن جي قميص سندن پيرن کان به هيٺ هئي جو هلڻ ۾ گهلجي رهي هئي. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم پڇيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اوهان ان جي تعبير ڪهڙي ڪئي؟ فرمايائون: دين.[4]

    يعني اهي ماڻهون جن جي قميص سيني تائين هئي، اهي ڪمزور ايمان وارا هئا، جن جي قميص دُنَ تائين هئي، پهرين کان مضبوط ايمان وارا، جن جي


 

 



[1] الابانۃ الکبریٰ لابن بطۃ،جز:4،جلد:6،صفحہ:816 ،حدیث:243۔

[2] دیوانِ سالک،صفحہ:72

[3] الصواعق المحرقۃ،باب الخامس ،فصل الرابع ،صفحہ:119،حدیث:41۔

[4] بخاری،کتاب بدء الایمان،باب  تفاضل اہل الايمان فی الاعمال ،صفحہ:76 ،حدیث:23۔