Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

اڪبر، مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي يارِ غار ۽ يارِ مزار حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جهڙو ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.

   اهڙي طرح هڪ ٻئي مقام تي الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَّ اتَّبِعۡ سَبِیۡلَ مَنۡ اَنَابَ اِلَیَّ ۚ  (سيپارو: 21، سورة لقمان: 15)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ منهنجي طرف رجوع ڪرڻ واري انسان جي رستي تي هل.

  سُلطانُ المُفَسِّرين، حضرت عبدُ الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه ۾ مَنۡ اَنَابَ اِلَیَّ يعني الله پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ واري مان مُراد حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن.[1]

 الله پاڪ اسان کي يارِ غارِ رسول حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت تي هلڻ، سندن پاڪيزه ڪردار، نوراني اخلاق ۽ نرالي عادتن جو فيضان نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن   صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

بھٹک سکتے نہیں ہم اپنی منزل ٹھوکروں میں ہے                                                                                   نبی کا ہے کرم اور رہنما صِدِّیق اکبر ہیں

گناہوں کے مرض نے نیم جاں  ہے کر دیا مجھ کو                                                                             طبیب اب بس مرے تو آپ یا صِدِّیقِ اکبر ہیں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

ايمان پهرين نيڪي آهي

  پيارا اسلامي ڀائرو! ايمان يعني ڪلمو طيّب  لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ مُحَمَّدُ رَّسُوْلُ اللہ  پڙهي  ڪري دائرهءِ اسلام ۾ داخل ٿيڻ سڀ کان پهرين نيڪي آهي. آخرت جي فضائل


 

 



[1] تفسیرِ بغوی،پارہ:21،سورۂ لقمان،زیرِ آیت:15،جلد:3،صفحہ:509۔