Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

مسلمان آهن، ڪڏهن، ڪنهن وقت، ڪنهن به حال ۾ هڪ گهڙي کن جي لاءِ به انهن ٻنهي جي پاڪ، طيب دامنن کي ڪفر ۽ شرڪ جي ناپاڪي نه ڪڏهن لڳي، نه قيامت تائين لڳندي.[1]

بہتری جس پہ کرے فخر وہ بہتر صِدِّیق                    سروری جس پہ کرے ناز وہ سرور صِدِّیق

سارے اَصْحابِ نبی تارے ہیں اُمَّت کے لئے   ان ستاروں میں بنے مِہْرِ مُنَوَّر صِدِّیق[2]

ننڍپڻ شريف ۾ اعلانِ توحيد

   مسلمانن جا پهريان خليفا، اميرُ المومنين حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عمر مبارڪ 4 سال هئي، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اڃان اعلانِ نبوت نه فرمايو هو، دنيا ۾ ڪفر ۽ شرڪ عام هو، صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو والد حضرت ابو قحافه رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪو ان وقت تائين ڪفر جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، هڪ ڏينهن اهو حضرت ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پنهنجي عبادت خاني وٺي ويو ۽ پٿرن جي جُڙيل ڪوڙن خدائن جي سامهون بيهاري ڪري چيائين: پٽ! هي آهن تنهنجا بلند ۽ بالا خدا! هنن کي سجدو ڪيو! (اَسْتَغْفِرُ اللہ !اَسْتَغْفِرُ اللہ!)

 هي چئي ڪري ابو قحافه هڪ طرف هليا ويا. هاڻي صرف صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن ۽ سامهون پٿر جا بُتَ آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ٿورو اڳتي وڌيا، هڪ بُتَ جي ويجهو ويا ۽ فرمايائون: اِنِّیْ جَائِعٌ فَاَطْعِمْنِیْ مان بُکايل آهيان، مون کي کاڌو کاراءِ! اهو بي جان پٿر هو، نه ان کي ڳالهائڻو هو، نه ڳالهايائين. صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻيو سوال ڪيو: اِنِّیْ عَارٍ فَاکْسِنِیْ مون وٽ ڪپڙا ناهن، مون کي ڪپڙا ڏي! اهو بُت ڀلا ڇا ڳالهائي؟ هاڻي حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي جلال آيو، پاڻ هڪ پٿر کڻي فرمايائون: مان پٿر هڻان ٿو، جيڪڏهن خدا آهين ته پاڻ کي بچائي ڏيکارِ!


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ، جلد:28، صفحہ:458 خلاصۃً۔

[2] دیوانِ سالک،صفحہ:69