Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

روزيءَ جو فڪر ئي نه رهيو

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مبارڪ ايمان ڪيڏو ڪامل ۽ يقين ڪيڏو پختو آهي، گهر ۾ هڪ داڻو به نه ڇڏيائون، سمورو مال ويڙهي بارگاھِ رسالت ۾ اچي پيش ڪيائون ۽ يقين، اطمينان ۽ توڪل ڏسو! عرض ڪن ٿا: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! گهر وارن جي لاءِ الله ۽ ان جو رسول ئي ڪافي آهي. حضرت ابو بڪر رَضِىَ اللهُ عَنْه پاڻ فرمائن ٿا: جڏهن کان مون (سيپارو: 12، سورة هود جي) هي آيت:

وَ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ  فِی الۡاَرۡضِ  اِلَّا عَلَی اللّٰہِ  رِزۡقُہَا  (سيپارو: 12، سورة هود: آيت:6)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ زمين تي هلندڙ ڪو ساھ وارو اهڙو ناهي جنهن جو رزق الله جي ذمي ڪرم تي نه هجي.

پڙهي آهي، خدا جو قسم! مون روزيءَ جو فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.[1]

الله پاڪ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اسان کي به اهڙو يقين، پختو ايمان نصيب فرمائي.  

 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن   صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

یقینا مَنبعِ خوفِ خدا صِدّیقِ اکبر ہیں                                   حقیقی عاشقِ خیرُالورٰی صدّیقِ اکبر ہیں

بِلا شک پیکرِ صبر و رِضا صدّیقِ اکبر ہیں

نہایت مُتقی و پارسا صِدّیقِ اکبر ہیں

امیرالمؤمنیں   ہیں   آپ امامُ المُسلمیں   ہیں   آپ     یقیناً مخزنِ صِدق و وفا صدّیقِ اکبر ہیں

تقی ہیں   بلکہ شاہِ اَتقیا صِدّیقِ اکبر ہیں

نبی نے جنّتی جن کو کہا صدّیقِ اکبر  ہیں[2]


 

 



[1] کتاب اللمع،صفحہ:172۔

[2] کتاب اللمع،صفحہ:172۔