Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

جو دروازو انهيءَ نيڪي (يعني ايمان) سان ئي کُلندو آهي. جنهن ڪلمو پڙهي ورتو، ايمان قبول ڪري ورتو، اُخۡروي لحاظ سان وڏو فضيلت وارو آهي. پوءِ هي ايمان جيترو مضبوط ٿيندو، ايماني ڪيفيت ۾ جيتري قدر اضافو ٿيندو ويندو، ٻانهي جي فضائل ۾ اوتري  قدر اضافو ٿيندو آهي.

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کان وٺي ڪري اڄ تائين تمام عاشقانِ رسول جو مُتفقه عقيدو آهي ته مسلمانن جو پهريون خليفو، وزير ۽ مشيرِ رسول، يارِ غار ۽ يارِ مزار، عاشِقِ اڪبر، صديقِ اڪبر، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کان بعد سڀني انسانن کان افضل آهن.[1] پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي افضل هجڻ جا کوڙَ سبب آهن، انهن مان هڪ سبب هي به آهي ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه امّت ۾ سڀني کان افضل ايمان وارا آهن.

 حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ايمان جو ڇا ته شان آهي؟ پاڻ ايمان جو بلند ترين درجو ڪيئن ماڻيو؟ اسان گنھگار حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي فيضان سان پنهنجو ايمان ڪيئن مضبوط ڪري سگهون ٿا؟ ان بابت ڪجھ مدني گُلَ اڄ اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ايمان جي صدقي اسان کي ايمان جو ڪمال نصيب فرمائي، ايمان جي تقاضائن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن    صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

عمر سے بھی وہ افضل ہیں عثماں سے بھی ہیں اعلیٰ                  یقیناً  پیشوائے مُرتَضَیٰ صِدِّیقِ اکبر  ہیں[2]

(1) صديقِ اڪبر جو  ايمان آسماني وحي جيان  آهي

  حضرت ربيعه بن ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو اسلام آسماني وحي جِيان هو، پاڻ مُلڪِ شام تجارت جي لاءِ ويَل هئا، اُتي سندن


 

 



[1] فتاوی رضویہ،ج:28،صفحہ:478۔

[2] وسائلِ بخشش، صفحہ:566 ۔