Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

آهي: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مونکي عمرو شريف ڪرڻ جو شرف مليو، اتي قُصور (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ قاري صاحب سان ملاقات ٿي، انهن ٻڌايو مون دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪئي ۽ اتي خوب روئي روئي ڪري مديني پاڪ جي حاضري جي لاءِ دعا گهري.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مدني قافلي ۾ گهريل دعا قبول ٿي ۽ منهنجا مديني شريف حاضري جا اسباب اهڙيءَ جڳھ تان بڻيا، جتان کان مونکي گمان به نه هو.[1]

مانگو آ کر دُعا پاؤ گے مُدَّعا            در کرم کے کھلیں  قافلے میں چلو!

گر مدینے کا غم، چاہئے چشمِ نَم                             لینے یہ نعمتیں قافِلے میں چلو!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 مدني قاعده (Madani Qaida) موبائل ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپليڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپليڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هيءَ ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾


 

 



[1]