Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

ڪري پڇيو: اي ڀاءَ! مان اوهان کي اهڙي حالت ۾ ڏسي رهيو آهيان جنهن سان مونکي خوشي ٿي رهي آهي پر هي ٻڌايو ته حضرت امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان ڪهڙو معاملو ڪيو ويو؟ فرمايائون: انهن کي مون تي 90 درجا فضيلت ڏني وئي. مون وجھ پڇي ته فرمايائون: انهن کي هي مرتبو هر وقت (آخرت جي فڪر ۾) غمگين رهڻ جي وجھ سان عطا ڪيو ويو.[1]

   الله پاڪ امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي ۽ انهن جي صدقي اسان کي آخرت جو فڪر، خوفِ خدا، جهنّم کان بچڻ ۽ جنّت حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! دنيا جي تمام غمن کان نجات ملي ۽ صرف ۽ صرف مديني پاڪ جو غم نصيب ٿي وڃي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! فيضانِ اوليا ماڻڻ، آخرت جو فڪر، خوفِ خدا ۽ عشقِ رسول سان جهوليون ڀَرڻ، گناھن کان بچڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته (Linkup) ٿي وڃو. 12 ديني ڪم به دل لڳائي ڪري ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿيندون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو به آهي. اچو! ترغيب (Motivation) جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

سفرِ مدينه جي سعادت ملي وئي!

   شيخوپوره (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو


 

 



[1] حلیۃ الاولیاء،جلد:2،صفحہ:154 ،رقم:1782۔