Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندَس۔  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

روزانو بَصره کان مِنٰي شريف وڃڻ وارا باڪرامت بزرگ

     شيخ فريدُ الدّين عطّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڪتاب تذڪرةُ الاوليا ۾ لکن ٿا: هڪ حافظ ۽ قاري صاحب مدرسي ۾ قرآنِ پاڪ پڙهائيندا هئا، هڪ ڀيري هي نفس ۽ شيطان کان مغلوب ٿي ڪري بدنگاھي ڪري ويٺا، جيئن ئي انهن کان اها غلطي ٿي، يڪدم ئي کين سڄو قرآن ويساريو ويو.

   انهن خوب توبھ ڪئي ۽ روئيندي مشهور تابعي بزرگ حضرت امام حَسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ويا، سڄو واقعو عرض ڪيائون ۽ التجاء ڪئي ته سائين! منهنجي حق ۾ دعا فرمايو ته الله پاڪ منهنجي خطا (Mistake) معاف فرمائي ڇڏي ۽ مونکي قرآنِ ڪريم ٻيهر ياد ٿي وڃي. امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڏکايل حافظ صاحب جي امداد ڪندي فرمايو: هن ئي سال حج جي سعادت حاصل ڪر! ۽ مِنٰي شريف جي مسجدُ الخيف شريف ۾ وڃ! اتي امام کان دعا ڪراءِ (الله پاڪ ڪرم فرمائيندو). حافظ صاحب حج جي لاءِ روانا ٿيا ۽ منٰي شريف ۾ مسجدُ الخيف ۾ پهتا، هي ظهر کان ڪجھ پهريان جو وقت هو، هڪ نوراني چهري وارا پوڙها امام صاحب محراب ۾ تشريف فرما هئا ۽ ماڻهو سندن جي چؤطرف ويٺا هئا. ڪجھ دير کان بعد هڪ صاحب تشريف وٺي آيو، امام صاحب سميت سڀني بيهي ڪري ان جو استقبال ڪيو، اچڻ وارو صاحب به انهيءَ حلقي ۾ ويهي رهيو. ڪجھ دير کان بعد اذان ٿي، نمازِ ظُهر باجماعت ادا ڪئي وئي، پوءِ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا. هاڻي مَسجدُ