Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

الخيف جا امام صاحب اڪيلا هئا، حافظ صاحب موقعو ڏسي ڪري امام صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، سلام ڪيائين، هٿ چميائين ۽ روئيندي پنهنجي ڏُکَ ڀري ڪهاڻي (Sad Story) ٻڌائي ۽ ٻڌايائين ته ڪهڙي طرح انهن کي هڪ گناھ جي سزا ۾ سڄو قرآن ويساريو ويو.

   امام صاحب مَاشَـآءَاللّٰه! باڪرامت هئا، انهن جي دعا جي برڪت سان حافظ صاحب کي وسريل قرآنِ ڪريم وري ياد ٿي ويو. هاڻي امام صاحب پڇيو: اوهان کي منهنجو ڏَس ڪنهن ڏنو؟ عرض ڪيائين: امام حسن بصري  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه . هي ٻڌي ڪري امام صاحب فرمائڻ لڳا: صحيح...!! انهن منهنجو راز ظاهر ڪيو آهي، هاڻي مان به انهن جو راز (Secret) ظاهر ڪيان ٿو، ٻڌو! ظهر کان پهريان جنهن صاحب جي آمد تي اسان سڀني اٿي ڪري تعظيم (Respect) ڪئي هئي، اها شخصيت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ئي هئا، اهي پنهنجي ڪرامت سان روزانو بصره کان هتي منٰي شريف ۾ تشريف وٺي ايندا ۽ هتي ئي نمازِ ظهر ادا فرمائيندا آهن. امام صاحب وڌيڪ فرمايو: امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جنهن جا رهنما (Leader) هجن، ان کي ڪنهن ٻئي جي حاجت ناهي...!![1]

جو نبی کا غلام ہوتا ہے                                                  قابلِ احترام  ہوتا ہے

جو  ہو اللہ کا ولی اُس کا                                                   فیض  دنیا  میں  عام  ہوتا  ہے[2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تعارف

   پيارا اسلامي ڀائرو! امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بلند مرتبي وارا تابعي بزرگ


 

 



[1] تذکرۃُ الْاَوْلیَاء ،صفحہ:40۔

[2] وسائل بخشش،صفحہ:440،441ملتقطاً