Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

نهايت آسان آهي * شيطان هر وقت انسان کي ڀٽڪائڻ ۾ رُڌل آهي * نفسِ امّاره خواهشات ۾ ڦاسائي رهيو آهي * نفس سُستي (Laziness) ڏياريندو آهي * نيڪين کان روڪيندو آهي * گناھن ۾ لذت ماڻيندو آهي ان ڪري گناھن ۾ پئجي ڪري جهنّم جو حقدار بڻجي وڃڻ ته نهايت آسان آهي.

   ها! * شيطان کان جنگ ڪري * نفسِ امّاره کي مغلوب (Dominate) ڪري * دنياوي، نفساني خواهشن کي دٻائي ڪري * مال جي محبت * دنيا جي محبت * حرص * هوس وغيره ڪيئي باطني بيماريون (Spiritual Diseases) هي زهريلا نانگَ انهن کان مقابلو ڪري نيڪين ۾ مصروف رهڻ اهو مشڪل ڪم آهي. ان ڪري تعجب ان تي ناهي ته هلاڪ ٿيڻ وارو هلاڪ ڪيئن ٿي ويو، تعجب ته ان تي آهي جو نجات ماڻڻ وارو نجات ڪيئن ماڻي ويو.

رشڪ ڪنهن تي ڪيون...؟

  عام طور تي اسان رشڪ ڪندا آهيون، ڪنهن تي؟ مالدارن تي * وڏيون وڏيون عمارتون (Buildings) ڏسي ڪري رشڪ ڪندا آهيون * عالي شان گهرَ، بنگلا ڏسي ڪري رشڪ ڪندا آهيون * ڪروڙين رپين جون گاڏيون ڏسي ڪري رشڪ ڪندا آهيون * وڏن عهديدارن کي ڏسي ڪري رشڪ ڪندا آهيون ۽ * اڄڪلھ سوشل ميڊيا جو دور آهي، جنهن جا فالُوَرز(Followers) وڌيڪ آهن، وِيۡوَرۡز (Viewers) گهڻا آهن، ان تي به رشڪ ڪيو ويندو آهي * جيڪو گهڻو مشهور (Famous) آهي ان تي به رشڪ ڪيو ويندو آهي.

   حالانڪه انهن تي ڇا رشڪ ڪرڻ...! مال ۽ دولت الله پاڪ جي عطا آهي، ڪنهن کي گهٽ ملي، ڪنهن کي گهڻي، ان ۾ مالدار جو ڪهڙو ڪمال آهي؟ شهرت الله پاڪ جي عطا آهي، مشهور ۽ معروف هستي جو ان ۾ ڪهڙو ڪمال؟ ان ڪهڙو ڪارنامو سر انجام ڏنو جنهن تي رشڪ ڪيو وڃي؟