Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نصيحت

حضرت عَلۡقمه بن مَرۡثد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان حضرت امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان وڌيڪ غمگين ڪنهن شخص کي به نه ڏٺو، پاڻ هر وقت غمگين ۽ اداس رهندا ۽ فرمائيندا هئا: اسان کِلندا آهيون ۽ اسان کي ان ڳالھ جو فڪر ئي ناهي ته جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن الله پاڪ اسان جي اعمال جي باري ۾ هي فرمائي ڇڏيو: وڃو توهان جو ڪو به عمل مون وٽ قبول ناهي (ته اسان جو ڇا ٿيندو).[1]

   الله پاڪ اسان کي آخرت جو فڪر نصيب فرمائي، ڪاش! اسان سچي ۽ پڪي توبھ ڪرڻ، گناھ ڇڏڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ سنّتن ڀَري، پاڪيزه زندگي گذارڻ وارا بڻجي وڃون.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی          ہائے میں نارِ جہنم میں جلوں گا یارَبّ!

آہ! طُغیانیاں گناہوں کی                                               پار نَیّا مِری لگا یاربّ!

نَفس و شیطان ہو گئے غالب                                        ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یاربّ![2]

خوفِ خدا سبب غمگين رهڻ جي فضيلت

   حضرت حجاج بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان ڪن ٿا: حضرت حَڪم بن حَجۡل ۽ حضرت امام ابنِ سيرين  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ا جي پاڻ ۾ گهري دوستي هئي. جڏهن امام ابنِ سِيرين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو وصال ٿيو ته حضرت حَڪم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي غم جو تمام گهڻو غلبو ٿي ويو. صحت يابي کان بعد هڪ ڏينهن فرمائڻ لڳا: مون خواب ۾ پنهنجي ڀاءُ امام ابنِ سِيرين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي عمده حالت ۾ هڪ محل ۾ ڏسي


 

 



[1] عیون الحکایات(مترجم)،جلد:1،صفحہ:52۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:79،85۔