Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

سندن جي نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي جنهن ۾ کوڙ ماڻهو شريڪ ٿيا.[1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

علم جو دٻدٻو ۽ عبادت جو نور

   پيارا اسلامي ڀائرو! امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا عالِم، زاهد (يعني دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارا) تمام نيڪ (Virtuous) پاڪدامن، عبادت گذار هئا، علمِ دين جو دٻدٻو ۽ عبادت جو نور سندن جي چهري تي چمڪندو هو، ايستائين جو ڪنهن سندن کي نه ڏٺو هوندو هو تڏهن به سڃاڻي وٺندو هو. هڪ ڀيري هڪ اڻڄاتل شخص بصره ۾ آيو، (شايد ان امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو چرچو ٻڌي رکيو هو، بهرحال) ان ڪنهن کان امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي متعلق پڇيو ته ٻڌائڻ واري چيو: مسجد ۾ هليو وڃ! اتي جيڪو اهڙو شخص نظر اچي جو ان جهڙو تو ڪڏهن نه ڏٺو هجي، بَس سمجهي وڃجانءِ، اهي ئي امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهن.[2]

 امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بصره جا سردار آهن

    امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ دور ۾ هڪ شخص حَجّاج بن يوسف. ان دور جو حڪمران هو ۽ هو به وڏو ظالم(Tyrant). هڪ ڏينهن حجاج بن يوسف حضرت خالد بن صفوان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان پڇيو: بصره جو سردار ڪير آهي؟ فرمايائون: امام حَسَن بَصۡري  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه . حجاج حيرت وچان چوڻ لڳو: هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ حسن بصري ته غلامن جو اولاد آهن. حضرت خالد بن صفوان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جن فرمايو: حقيقي سردار حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ئي آهن ڇو جو


 

 



[1] سِیَرُ اَعْلام ِالنُّبَلاء ،جلد:5،صفحہ:472-473 ۔

[2] آداب الحسن البصری، صفحہ:24 ۔