Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

   هي ڳالھ اسان ڄاڻون ٿا، مڃون ٿا، دل سان ان تي يقين به رکندا آهيون پر اسان جي جيئڻ جو انداز اهڙو آهي جو ڄڻ اسان کي هميشه جي لاءِ ئي هن دنيا ۾ رهڻو آهي. هاءِ! ڪاش...!! اسان کي آخرت جو فڪر نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان موت کان پهريان موت جي تياري ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

کچھ نیکیاں کمالے جلد آخِرت بنالے                   کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زندَگی کا[1]

ماڻهو غفلت ۾ آهن

   سيپارو: 17، سورة انبياء جي پهرين آيت ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو:

اِقۡتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُہُمۡ وَ ھُمۡ فِیۡ غَفۡلَۃٍ  مُّعۡرِضُوۡنَ ۚ(۱)  (سيپارو: 17، سورة انبياء آيت: 1)

ترجمو ڪنزالعرفان: ماڻهن جو حساب ويجهو اچي ويو ۽ اهي غفلت ۾ منهن ڦيريو پيا آهن.

   سلطانُ العارفين، حضرت شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي دنيا جا طلبگار! تو الله پاڪ جي محبت، آخرت جي نعمتن، جنّت جي هميشه رهڻ وارين خوشين ڀري پُر سڪون زندگي جي بدلي دنيا جي عارضي (Temporary)، فاني عيش ۽ عشرت کي اپنائي ورتو، توکي هي مشورو ۽ تسلي (Consolation) ڪنهن ڏني جو تو اهڙي نقصان وارو سودو ڪيو، تنهنجي هيءَ دنياوي زندگي ڇا آهي؟ هيءَ ته ائين گذري ويندي جيئن پاڻيءَ ۾ پتاشو (هڪ قسم جي مٺائي جيڪا کنڊ مان ٺهندي آهي) ڳري ويندو آهي، پوءِ توکي سوڙهي ۽ اونداهي قبر ۾ سمهاريو ويندو جتي تون پاسو به نه مَٽائي سگهندي، پوءِ حقيقي مالڪ يعني الله پاڪ تو کان اهڙو حساب طلب ڪندو جنهن ۾


 

 



[1] وسائل بخشش، صفحہ:187۔