Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  علّامه قُرطبّي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري هڪ عورت مشهور وليُ الله حضرت امام حَسن بَصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو: منهنجي جوان ڌيءُ فوت ٿي وئي آهي، ڪو طريقو ارشاد فرمايو ته مان ان کي خواب ۾ ڏسي وٺان. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي عمل ٻڌائي ڇڏيو. ان پنهنجي مرحومه ڌيءُ کي خواب ۾ ته ڏٺو پر هن حال ۾ جو ان جي بدن تي تارڪول يعني ڏامر (Asphalt) جو لباس، ڪنڌ ۾ زنجير ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون (Shackles) هيون! اهو هولناڪ منظر ڏسي ڪري اها عورت ڏڪي وئي! ان ٻئي ڏينهن اهو خواب امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ٻڌايو، خواب ٻڌي کين نهايت غمگين ٿيا. ڪجھ عرصي کانپوءِ امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن خواب ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي ڏٺو، جيڪا جنّت ۾ هڪ تخت تي تاج سجائي ويٺي هئي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڏسي ڪري اها چوڻ لڳي: مان انهيءَ عورت جي ڌيءُ آهيان، جنهن اوهان کي منهنجي حالت ٻڌائي هئي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ان جي چوڻ مطابق ته تون عذاب ۾ هُئينءَ آخر هي انقلاب ڪيئن آيو؟ مرحومه چيو: قبرستان جي ويجهو هڪ شخص گذريو ان مصطفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف موڪليو، ان جي درود شريف پڙهڻ جي برڪت سان الله پاڪ اسان 560 قبر وارن تان عذاب کڻي ورتو.[1]


 

 



[1] التذکرۃ ،جز:1 ،صفحہ:68ملتقطًا۔