Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

المُرجب جو مهينو تشريف وٺي اچڻ وارو آهي، رجب جو مهينو ۽ شعبان جو مهينو نفل روزن جي موسمِ بهار آهن. انهن مهينن ۾ نفلي روزا رکڻ جا خصوصي فضائل آهن، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ نفلي روزن رکڻ جي به ترغيب ڏياري ويندي آهي بلڪه شعبه اصلاحِ اعمال جي تحت نفلي روزن جي تحريڪ هلائي ويندي آهي، جنهن ۾ هزارين خوش نصيب نفلي روزن جي سعادت حاصل ڪندا آهن، ڪيئي مقامن تي سحري اجتماعَن جو به اهتمام ٿيندو آهي.

   اسان کي رمضانُ المبارڪ جا روزا ته رکڻا ئي رکڻا آهن ڇو ته فرض آهن، نيّت ڪري وٺو! ته رجبُ المُرجب ۽ شعبانُ المُعظم جي مهيني ۾ نفلي روزا رکڻ جي به ڀَرپور ڪوشش ڪنداسين اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!!

   حضرت ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ته رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو رجب ۾ هڪ روزو رکي ته ان جو روزو رکڻ هڪ مهيني جي روزن جِيان آهي، جيڪو رجب مهيني ۾ 7 روزا رکندو ان تي دوزخ جا 7 دروازا بند ڪيا ويندا. جيڪو ان مهيني ۾ 8 روزا رکندو ته ان جي لاءِ جنّت جا 8 دروازا کوليا ويندا ۽ جيڪو ان مهيني ۾ 10 روزا رکندو ته ان جون بُرايون نيڪين ۾ تبديل ڪيون وينديون.[1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سَتّو شريف سان افطاري

   هڪ ڏينهن امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو روزو هو، حضرت خُلَيۡد بن حسان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان افطار جي وقت کاڌو کڻي ڪري امام حَسَن بَصۡري


 

 



[1] تاریخ بغداد ، جلد:8 ،صفحہ:326 حدیث: 4421 ۔