Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

ممڪن هجي ها ته اسان ضرور اوهان جو علاج ڪيون ها، آخر ۾ بادشاھ ۽ وزير اچي ڪري چوندا آهن: پُٽَ! اسان توکي بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر موت کي ڪير ٿو ٽاري سگهي؟ هاڻي ايندڙ سال تائين توتي اسان جو سلام هجي.

    امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دل تي ان وقعي جو تمام گِهرو اثر ٿيو ۽ سندن انهيءَ وقت پڪي نيّت ڪري ورتي ته هاڻي زندگي ڀَر نه کِلندُس ۽ جيستائين دنيا ۾ آهيان آخرت جي فڪر ۾ ئي مصروف رهندُس.[1]

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی     جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اجل بھی

بس اب اپنے اس جہل سے تُو نکل بھی               یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 پنهنجي جيئڻ جو انداز بدليو

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙي عبرت جي ڳالھ آهي، واقعي! موت کان ڪنهن کي به ڇوٽڪارو ناهي. موت ايندو، اچي ڪري ئي رهندو * ڪو امير آهي يا غريب * بادشاھ آهي يا فقير * ڪو نيڪ آهي يا گناھگار * تهجد گذار آهي يا نمازن ۾ سُستي ڪرڻ وارو * ڪو عهديدار آهي يا بي روزگار، مطلب ته: هر هڪ کي موت اچڻو ئي اچڻو آهي، ڪو به موت جي وارَ کان ڇوٽڪارو نه ٿو حاصل ڪري سگهي، قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد ٿيو:

کُلُّ نَفۡسٍ ذَآئِقَۃُ  الۡمَوۡتِ   (سيپارو: 21، سورة عنڪبوت: آيت: 57)

ترجمو ڪنزالعرفان: هر ساھ کي موت جو مزو چکڻو آهي.


 

 



[1] تذکرۃُ الْاَوْلیَاء، صفحہ:34۔