Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

انسٽال ڪري وٺندا، پاڻ به فائدو حاصل ڪندا ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريندا.

   صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سرمو پائڻ جون سنّتون ۽ آداب

   فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : سڀني سُرمن مان بهتر سرمو اِثمد آهي ڇو ته هي نگاھن کي روشن ڪندو ۽ پلڪون پيدا ڪندو آهي.[2]

   اي عاشقانِ رسول! * پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ * ڪارو سرمو يا ڪاجَل زينت جي نيّت سان (يعني خوبصورتي جي نيّت سان) مرد کي پائڻ مڪروھ آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي، * سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنّت آهي * سرمو استعمال ڪرڻ جي 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرايون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ 2 (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان اکين ۾ لڳايو اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٽنهين طريقن تي عمل


 

 



[1] تاریخ  مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] ابن ماجہ، کتاب الطب، باب:الکحل بالاثمد، صفحہ:566، حدیث:3497۔