Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ خوفِ خُدا

    پيارا اسلامي ڀائرو! امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت خوفِ خدا وارا هئا. سندن تي هميشه غم جو غلبو رهندو، خوفِ خدا جي سبب اڪثر روئيندا رهندا هئا،[1] علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن تشريف وٺي ايندا هئا ته ائين لڳندو هو ڄڻ ويجهي دوست جي تدفين (Burial) کان واپس آيا آهن ائين رهندا هئا ڄڻ ته باھ سندن جي مٿي تي لٽڪي رهي آهي ائين ويهندا هئا ڄڻ ڪو قيدي (Prisoner) آهي ۽ هاڻي ان جو ڪنڌ ڪَٽيو ويندو صبح ان حال ۾ ڪندا هئا جو ڄڻ هاڻي قيامت جي هولناڪين مان گذري آيا آهن هڪ ڀيري ڪنهن سندن کان حال پڇيو ته فرمايائون: جنهن شخص جي ٻيڙي (Boat) درياء جي وچ ۾ وڃي ٽٽي پئي، اهو به مون کان بهتر حالت (Better Condition) ۾ هوندو. پڇيائون: ائين ڇو؟ فرمايائون: مان گناھگار ٻانهو آهيان ۽ جيڪي ڪجھ نيڪيون ڪري سگهيو آهيان، اهي قبول ٿيون، يا منهنجي منهن تي هنيون وينديون، مان نه ٿو ڄاڻا. [2]

یا الٰہی !جب  بہیں آنکھیں حِسابِ   جُرْم میں           اُن  تبسم  ریز  ہونٹوں  کی دُعا کا ساتھ ہو

یا الٰہی!جب  حسابِ  خندۂ  بیجا رُلائے                چشمِ  گریانِ  شفیعِ   مُرتجٰے  کا  ساتھ  ہو

یا الہٰی!رنگ  لائیں  جب مری بے باکیاں             اُن  کی نیچی  نیچی نظروں کی حیاکا ساتھ ہو[3]


 

 



[1] مرآۃ الاسرار،صفحہ:232 ،بتغیر قلیل۔

[2] آداب الحسن البصری، صفحہ:25 -26 -27،ملتقطًا۔

[3] حدائقِ بخشش،صفحہ:133۔