Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

تَوڪل جي فضائل تي 2 حديثون

(1) مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪڏهن توهان الله پاڪ تي هن طرح تَوڪل ڪيو جهڙي طرح تَوڪل ڪرڻ جو حق آهي ته توهان کي اهڙي طرح رزق ڏنو ويندو جهڙيءَ طرح پکين (Birds) کي رزق ڏنو ويندو آهي، اهي صبح جو بکايل (Hungry) نڪرندا آهن ۽ شام جو پيٽ ڀري ڪري ايندا آهن.[1] (2): صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، نبين جي سلطان، سرورِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: یَدْخُلُ الْجَنَّۃَ اَقْوَامٌ اَفْئِدَتُہُمْ مِثْلُ اَفْئِدَۃِ الطَّیْرِ يعني جنّت ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو داخل ٿيندا جن جون دليون پکين جي دلين جهڙيون هونديون.[2]

   مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جهرڪين جي دل ۾ الله پاڪ تي تَوڪل اعلٰي درجي جو هوندو آهي. انهن جي دلين ۾ ڊپُ تمام گهڻو، ڪينو بغض (Hate) انهن وٽ ناهي هوندو. جنهن انسان ۾ هي صفتون (Qualities) پيدا ٿي وڃن اهو ته ملائڪ جي (صفت) جهڙو بڻجي وڃي.[3]

جو یقیں کی راہ پہ چل پڑے، انہیں منزلوں نے پناہ دی

جنہیں وسوسوں نے ڈرا دیا، وہ قدم قدم پر بہک گئے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] ترمذی،کتاب الزہد،باب فی التوکل علی اللہ،صفحہ:560،حدیث:2344۔

[2] مسلم،کتاب الجنۃ …الخ،باب یدخل الجنۃ اقوام …الخ،صفحہ:1091،حدیث:2840۔

[3] مرآۃالمناجیح ،جلد:7 ،صفحہ:488 ۔ملتقطاً