Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بلند مرتبي وارا ڪامل ولي

   پيارا اسلامي ڀائرو! ولايت جا کوڙَ درجا آهن، انهن سڀني مان بلند درجو صدّيقيت آهي. حضرت امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به ولايت ۾ صِدِّيقيت جي درجي تي فائز هئا. روايت آهي، هڪ ڀيري مسلمانن جي پياري امڙ حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها جن امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون ڳالهيون ٻڌيون ته فرمايائون: مَنْ ہٰذَا الّذِی یَتَکلَّمُ بِکَلَامِ الصِدِّیْقِیْنَ؟ يعني هي ڪير آهي جيڪو صديقين جهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي؟

    اهڙيءَ طرح امام علي بن حُسين (يعني امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه) کي هڪ ڀيري امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ فرمان ٻڌايو ويو، امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: سُبْحٰنَ اللہِ! ہٰذَا کَلَامُ الصِّدِّیق هي ته ڪنهن صدّيق جو ڪلام آهي.[1]

امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ فڪر ڀريو  فرمان

    پيارا اسلامي ڀائرو! امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مبارڪ فرمان جنهن کي امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه جن صديق جو ڪلام چيو، اهو فرمانِ عالي شان ڇا آهي؟ اچو! ٻڌو! امامُ العُلما، امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: لَیْسَ الْعَجَبُ لِمَنْ ہَلَکَ کَیْفَ ہَلَکَ؟ وَ اِنَّمَا الْعَجَبُ لِمَنْ نَجَا کَیْفَ نَجَا؟ يعني تعجب هي ناهي ته هلاڪ ٿيڻ وارو هلاڪ ڪيئن ٿي ويو؟ تعجب ته ان تي آهي جو نجات ماڻڻ وارو نجات ڪيئن ماڻي ويو؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيڏو فڪريه (Thought Provoking) ۽ سبق آموز فرمان آهي. جيڪو ٻانهو قيامت جي ڏينهن هلاڪت ۾ پئجي ويو جنهن جي لاءِ جهنّم جو حڪم ٻڌايو ويو ان تي ڪهڙو تعجب؟ جهنّم ۾ وڃڻ ته


 

 



[1] آداب الحسن البصری، صفحہ:23۔