Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

کوھهَ مان پاڻي وهڻ لڳو

   هڪ ڀيري امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حج جي لاءِ روانا ٿيا، ڪجھ ماڻهو به سندن سان گڏ هئا، رستي ۾ ماڻهن کي تمام سخت اُڃَ لڳي، پاڻي پيئڻ جي لاءِ کوھ ڳوليو ويو، کوھ ته ملي ويو پر اُتي رَسي ۽ ڏول (Bucket) نه هو، هاڻي پريشاني اها ٿيڻ لڳي ته کوھ مان پاڻي ڪيئن ڪڍون! بهرحال سموري صورتِ حال امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ بيان ڪئي وئي. پاڻ فرمايائون: جڏهن مان نماز ۾ مشغول ٿي وڃان ته توهان پاڻي پي وٺجو. بهرحال جڏهن کين نماز جي لاءِ بيٺا ته اوچتو کوھَ مان پاڻي خود بخود وهڻ لڳو ۽ سڀني ماڻهن چڱي طرح اُڃ ((Thirst لاٿي.

    انهيءَ دوران هڪ شخص احتياطاً ڪجھ پاڻي ٿانوَ ۾ کنيو. ان حرڪت سان کوھ جو جوش اوچتو ختم ٿي ويو. ان تي امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: توهان الله پاڪ تي اعتماد نه ڪيو، هي انهيءَ جو نتيجو (Result) آهي.

   پوءِ هي حج جو مبارڪ قافلو اڳتي روانو ٿيو، امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن رستي ۾ ڪجھ کُجورون (ڪَتلون) کڻي ڪري ماڻهن کي ڏنيون،

 ماڻهن کجورون کاڌيون، ڏٺائون ته انهن کجورن جون ککڙيون سون جون هيون. ماڻهن اهي ککڙيون (Seeds) وڪڻي ڪري کائڻ پيئڻ جو سامان خريد ڪيو ۽ ان مان صدقو به ڪيو.[1]  

بي يقيني جو وبال

   پيارا اسلامي ڀائرو! امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيترا ته باڪرامت، بلند شان وارا ڪامل ولي هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نماز ۾ مشغول ٿيڻ جي برڪت سان کوھ


 

 



[1] تذکرۃُ الْاَوْلیَاء ،صفحہ:40  خلاصۃً۔