Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو پيشو تجارت هو

   منقول آهي: امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شروع واري زماني ۾ جواهرات (Jewels) جي تجارت ڪندا هئا، پوءِ پاڻ دنيا کان بي رغبت ٿي ويا ۽ هر وقت قبر ۽ آخرت جي تياري (Preparation) ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا.

   پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دنيا کان ڪيئن بي رغبت ٿيا؟ ان جو واقعو ڪجھ هن ريت آهي ته هڪ ڀيري پاڻ تجارت (Trading) جي سلسلي ۾ روم مُلڪ تشريف وٺي ويا، اتي سندن هڪ عجيب منظر ڏٺو: جهنگل ۾ هڪ جڳھ تي اعلٰي قسم جي ريشمي ڪپڙن (Silk Cloth) جو خوبصورت خيمو ٺهيل آهي ۽ خيمي (Tent) جي چؤ طرف فوجي هٿيار (Weapons) کنيو بيٺا آهن، انهن فوجين پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجھ چيو ۽ هليا ويا، پوءِ مُلڪ جا وڏا وڏا علم وارا آيا، انهن به خيمي جي ڀرسان بيهي ڪري ڪجھ چيو ۽ هليا ويا، پوءِ مُلڪ جا وڏا وڏا حڪيم، طبيب ۽ ڊاڪٽرَ اتي پهتا، انهن به خيمي جي ڀرسان بيهي ڪري ڪجھ چيو ۽ هليا ويا، پوءِ بادشاھ ۽ وزير آيا، هي به ٿوري دير خيمي جي ڀرسان ترسيا، ڪجھ چيو ۽ هليا ويا، امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هي ڏسي ڪري مونکي وڏي حيراني ٿي، مون ڪنهن کان پڇيو ته هي ڪهڙو معاملو (Matter) آهي؟ ٻڌائڻ واري ٻڌايو: بادشاھ جو هڪ خوبصورت، نوجوان پُٽ هو، ان جو انتقال ٿي ويو، اهو هن خيمي ۾ دفن ٿيل آهي، هر سال جڏهن ان جي وفات جو ڏينهن ايندو آهي ته سڀ ئي هن طرح هتي گڏ ٿيندا آهن، پهريان فوجي خيمي وٽ ايندا ۽ چوندا آهن: اي بادشاھ جا پُٽَ! جيڪڏهن جنگ جي ذريعي موت کي ٽاري سگهجي ها ته اسان پنهنجي جان ڏئي ڪري به اوهان کي بچائي وٺون ها، پوءِ اهلِ علم اچي ڪري چوندا آهن: اي بادشاھ جا پُٽَ! جيڪڏهن علم جي ذريعي موت کي روڪي سگهجي ها ته اسان ضرور اوهان کي بچائي وٺون ها، پوءِ ڊاڪٽر ايندا ۽ چوندا آهن: اي بادشاھ جا پُٽَ! جيڪڏهن موت جو ڪو علاج