Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

ماڻهو علمِ دين سکڻ ۾ سندن جا محتاج آهن پر امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن ٻانهي جا محتاج ناهن. خدا جو قسم! مون بصره جو ڪو عزت دار (Dignitary) اهڙو ناهي ڏٺو جيڪو امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضريءَ جي خواهش نه رکندو هجي، سڀ ئي سندن جو وعظ ٻڌڻ جي خواهش ڪندا آهن، سندن جي خدمت ۾ حاضري جي لاءِ ترسندا آهن.

   هي ٻڌي ڪري حجاج بن يوسف چوڻ لڳو: وَالله (يعني الله پاڪ جو قسم)!اها ئي اصل سرداري آهي.[1]

علمِ دين سردار بڻائي ڇڏيندو آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي سچ آهي علمِ دين ۽ ان تي عمل هي 2 شيون جنهن انسان ۾ جمع ٿي وڃن، ان کي سردار بڻائي ڇڏينديون آهن. صحابيءِ رسول حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ علمِ دين عزت واري شخص جي شرافت (Nobility) ۾ اضافو ڪندو ۽ غلامن کي بادشاھن جي محفلن ۾ ويهاري ڇڏيندو آهي.[2]

   الله پاڪ اسان کي به علمِ دين سکڻ ۽ اخلاص سان ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

زندگی ہو مِری پروانے کی صورت يا ربّ!

دور دنیا کا میرے دم سے اندھیرا ہوجائے              عِلم کی شمع سے ہو مجھ کو محبّت یارَبّ!

ہر جگہ میرے چمکنے سے اجالا ہو جائے[3]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] جامع بیان العلم و فضلہ،جلد:1 ،صفحہ:242 ،رقم:332 ۔

[2] حلیۃ الاولیاء،جلد:6،صفحہ:185،رقم:8235۔

[3] کلیات اقبال، بانگ درا، حصَّہ اوَّل، صفحہ:65۔