Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

وضاحت: اي الله پاڪ! محشر ڏهاڙي جڏهن منهنجي نافرمانين جو حساب مونکي خوف زده ڪري ۽ اکين مان ڳوڙن جو سيلاب جاري ٿي وڃي، اي ڪاش! ان وقت والضُّحٰي چهري واري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُسڪرائيندڙ چَپن جي دعا جو ساٿ ملي وڃي. اي الله پاڪ! جڏهن قيامت قائم ٿئي حساب ۽ ڪتاب جو خوف رُئاري. ڪاش! ان وقت غمِ امّت ۾ لڙڪ وهائڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت نصيب ٿئي. اي الله پاڪ! جڏهن منهنجي بي باڪين ۽ بي حيائين جو پردو کُلي، ان وقت نگاھون هيٺ رکڻ واري، حيا واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حيا جو فيضان نصيب ٿي وڃي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيالو هٿ مان ڇو ڪِريو؟

   هڪ ڀيري حضرت امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ ٿڌو پاڻي پيش ڪيو ويو. پيالو هٿ ۾ وٺندي ئي سندن تي بي هوشي طاري ٿي وئي ۽ پيالو هٿ مبارڪ مان هيٺ ڪِري پيو. جڏهن ڪجھ دير کان بعد طبيعت بهتر ٿي ته ماڻهن پڇيو. اي ابو سعيد! اوهان کي ڇا ٿي ويو هو؟ فرمايائون: مونکي جهنّمين جون اهي التجائون ياد اچي ويون، جيڪي اهي جنّتين کان ڪندا:[1]

اَنۡ اَفِیۡضُوۡا عَلَیۡنَا مِنَ الۡمَآءِ  (سيپارو: 8، سورة اعراف: آيت: 50)

ترجمو ڪنزالعرفان: ته اسان کي ڪجھ پاڻي ڏيو.

سخت گرميءَ ۾ به نفلي روزا

   پيارا اسلامي ڀائرو! امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سخت گرمين ۾ به نفلي روزا رکندا هئا. الله پاڪ اسان کي به نفلي روزن جي توفيق عطا فرمائي. رجبُ


 

 



[1] بیٹے کو نصیحت ،صفحہ:21۔