Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

آهن * هڪ روايت جي مطابق سندن کي 130 صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم سان ملاقات جو شرف حاصل آهي * انهن مان 70 بدري (يعني غزوهءِ بدر ۾ شرڪت ڪرڻ وارا) صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم به شامل آهن.[1] * امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ولادت مديني پاڪ ۾ مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دورِ خلافت ۾ ٿي.[2] * ولادت کان بعد سندن کي اميرُ المؤمنين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ويو، انهن ئي جي خواهش تي سندن جو نالو حسن رکيو ويو.[3] امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪُنيت ابو سعيد آهي.[4] سندن جي والده محترمه مسلمانن جي امڙ سائڻ حضرت اُمِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جون خادمه هيون.[5] منقول آهي: جڏهن امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي والده ڪنهن ڪم ۾ مصروف هونديون هيون ۽ پاڻ روئڻ لڳندا هئا ته امُّ المؤمنين حضرت امِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْها محبت ۾ کين چپ ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو کير پيارينديون هيون.[6] عالمَ سڳورا فرمائن ٿا: امُّ المؤمنين حضرت امِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي واسطي سان امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فيضان نصيب ٿيو، انهيءَ جي برڪت هئي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي بي مثال علم، عمل، تقوٰي نصيب ٿيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زبان تي حڪمت جون ڳالهيون جاري ٿينديون هيون ۽ سندن معرِفتِ الاهي (يعني الله پاڪ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ) ۾ بلند مقام تي فائز ٿيا.[7] رجبُ المُرجب 110 هجري ۾ سندن جو وصال ٿيو، وصال جي وقت سندن جي عمر مبارڪ 88 سال هئي. بصره ۾ نمازِ جمعه کان بعد


 

 



[1] سِیَرُ اَعْلام ِالنُّبَلاء،جلد:5،صفحہ:459۔

[2] سِیَرُ اَعْلام ِالنُّبَلاء،جلد:5،صفحہ:457۔

[3] تذکرۃُ الْاَوْلیَاء ،صفحہ:34 ملخصاً۔

[4] سِیَرُ اَعْلام ِالنُّبَلاء ،جلد:5،صفحہ:456۔

[5] سِیَرُ اَعْلام ِالنُّبَلاء،جلد:5،صفحہ:457 ملتقطًا۔

[6] آداب الحسن البصری، صفحہ:23

[7] آداب الحسن البصری، صفحہ:23۔