Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

ان تي ڇانوَ هوندو. (بَس مان ان حديثِ پاڪ تي عمل ڪرڻ جي لاءِ بصر ئي کڻي آيُس).[1]

میرے کاسے میں تو اک سوت کی اٹّی بھی نہ تھی

نام لکھوا دیا یوسف کے خریداروں میں

صبح ساجُهر صدقو ڏيندا ڪيو!

   حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مَروي آهي فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: صبح ساجُهر صدقو ڏيو جو بلا صدقي کان اڳيان قدم ناهي وڌائيندي.[2]

   هڪ شخص حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري چوڻ لڳو ته منهنجو پٽ سمنڊ جي سفر تي ويو آهي اوهان الله پاڪ کان ان جي لاءِ دُعا فرمايو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ان جي طرفان صدقو ڏي. ان وقت سمنڊ ۾ موجون اُٿي رهيون هيون ۽ جهاز ٻُڏڻ وارو هو، جڏهن ان شخص ان جي طرف کان صدقو ڏنو ته هڪ چوڻ واري کي هي چوندي ٻڌو ويو: سوارو! توهان جي لاءِ سلامتي آهي بيشڪ الله پاڪ هي فديو قبول فرمائي ورتو.[3]

صدقو ڪرڻ جا فضائلَ ۽ ثوابَ

   صدقو ۽ خيرات ڪرڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظيم سنّت آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جود ۽ سخاوت جي دروازي تان ڪو سوالي خالي هٿين نه ويندو هو.[4] صدقو گناھن کي ائين مِٽائيندو آهي


 

 



[1] صحیح ابنِ خزیمہ ،کتاب الزکاۃ ،باب اظلال الصدقۃ صاحبہا …الخ،صفحہ:560 ،حدیث:2432

[2] سننِ کبریٰ للبیہقی ،کتاب الزکاۃ ،باب فضل من اصبح صائما…الخ ،جلد:4 ،صفحہ:506،حدیث:7831۔

[3] نزہۃ المجالس،باب فضل الصدقہ،صفحہ:14۔

[4] فیضانِ  سخی سرور،صفحہ:6۔