Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

کولي ڪري صدقي جي آداب جو لحاظ رکندي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عطيات (Donation)جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان * دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رهي آهي * دعوتِ اسلامي هن وقت تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مراڪز) بڻائي چڪي آهي * ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الڳ الڳ تعليمِ قرآن ڏيڻ جي لاءِ هينئر تائين تقريباً 10489 (10 هزار489) مدرسةُ المدينه قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 341821 (3 لک 41 هزار821) ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظره جي مفت تعليم ڏني وڃي پئي. * نابينا ٻارن جي لاءِ به الڳ سان مدرسه قائم آهن. شروعات کان وٺي هاڻي تائين تقريباً 1،10،358 (هڪ لک، ڏھ هزار 358) ٻارن ۽ ٻارڙن حفظ قرآن مڪمل ڪيو جڏهن ته ناظره مڪمل ڪرڻ وارن جي تعدا89،752،3(3لک، 89 هزار 752) آهي * فروغِ علمِ دين (عالمِ و عالمه ڪورس ڪرائڻ) جي لاءِ الڳ الڳ جامعة المدينه قائم آهن. هينئر تائين تقريباً 1310 (1 هزار310) جامعة المدينه(ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) جا قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 104857 (1 لک 4 هزار857) طالب ۽ طالبات کي درس نظامي(عالمِ و عالمه ڪورس، فيضانِ شريعت ڪورس) مفت ڪرايو پيو وڃي. هن وقت تائين تقريباً 24257 (24 هزار 257) عالم و عالمه ڪورس مڪمل ڪري چڪا آهن. لکين حافظ، قاري، امام، مبلغ، مُعَلِّم، عالم ۽ ڪيئي دارُالافتاء اهلِ سنّت قائم ٿي چڪا