Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
آهي ۽ الله پاڪ بُخل کي پنهنجي غضب مان پيدا فرمايو ۽ ان جي اصل کي شجرِ زقوم (جهنّم جي ڪَنڊن واري وڻ) جي پاڙ ۾ مضبو ط ڪري ڇڏيو. ان جون ڪجھ ٽاريون زمين جي طرف مائل ڪري ڇڏيون ته جيڪو شخص ان جي ڪنهن به ٽاريءَ کي پڪڙيندو آهي الله پاڪ ان کي جهنّم ۾ داخل فرمائي ڇڏيندو آهي، ٻڌو! بخل ناشڪري آهي ۽ ناشڪري جهنّم ۾ داخل ٿيڻ جو سبب آهي.[1]
ماڻهو پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو
حضرت عُقبه بن عامر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته شهنشاھِ مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هر شخص (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو ايستائين جو ماڻهن جي وچ ۾فيصلو ڪيو ويندو.[2]
حضرت يزيد بن ابو حبيب کان مروي آهي ته حضرت مَرۡثَد بن ابو عبدُ الله اهلِ مصر مان اهو پهريون شخص هو جيڪو شام جي وقت مسجد ۾ ويندو هو، راوي چئي ٿو ته مان کيس جڏهن به مسجد ۾ ويندي ڏسندو هيس ته سندن هٿ ۾ صدقو ڪرڻ جي لاءِ پيسا يا ماني وغيره ڪجھ نه ڪجھ ضرور هوندو هو. هڪ ڀيري مون انهن کي ڏٺو: هٿ ۾ بصر کڻي وڃي رهيا آهن. مون عرض ڪيو: اي ابو الخير! هي بصر اوهان جي ڪپڙن کي بدبودار ڪري ڇڏيندو. فرمايائون: اي ابو حبيب جا پٽَ! مون وٽ صدقو ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ڪجھ نه هو ۽ مونکي هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه حديثِ پاڪ بيان فرمائي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مومن جو ڏنل صدقو قيامت جي ڏينهن