Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

مَنۡ ذَا الَّذِیۡ یُقۡرِضُ اللّٰہَ  قَرۡضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَہٗ لَہٗۤ اَضۡعَافًا کَثِیۡرَۃً ؕ   وَ اللّٰہُ یَقۡبِضُ وَ یَبۡصُۜطُ  ۪   وَ اِلَیۡہِ  تُرۡجَعُوۡنَ (۲۴۵)

(سيپارو: 2، سورة بقرة: 245)

ترجمو ڪنزالعرفان: آهي ڪو جيڪو الله کي چڱو قرض ڏي  ته الله ان جي لاءِ ان قرض کي تمام گهڻو وڌائي ۽ الله تنگي ڏيندو آهي ۽ وسعت ڏيندو آهي ۽ توهان انهيء جي طرف موٽايا ويندؤ.

   تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: راھِ خُدا ۾ اخلاص سان خرچ ڪرڻ کي قرض سان تعبير فرمايو، هي الله پاڪ جو ڪمال درجي جو لطف ۽ ڪرم آهي ڇوته ٻانهو ان جو خلقيل ۽ ٻانهي جو مال ان جو عطا فرمايل آهي ۽ حقيقي مالڪ به اهو ئي آهي جڏهن ته ٻانهو ان جي عطا سان مجازي مِلڪ رکندو آهي پر قرض سان تعبير فرمائڻ ۾ هي ڳالھ دل ۾ ويهارڻ مقصود آهي ته جيئن قرض ڏيڻ وارو اطمينان رکندو آهي ته ان جو مال ضايع ناهي ٿيندو ۽ اهو هن جي واپسي جو حقدار آهي ائين ئي راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ واري کي اطمينان رکڻ گهرجي ته اهو هن خرچ ڪرڻ جو بدلو يقيناً ماڻيندو ۽ اهو به معمولي نه بلڪه ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ماڻيندو. 7 ڀيرا به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کان لکين ڀيرا به ٿي سگهي ٿو. صدقي سان دنيا ۾ به مال ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ آخرت ۾ به اجر ۽ ثواب ملندو آهي. دنيا جي جيڪڏهن لکين امير ماڻهن جو سروي ڪيو ته توهان کي خبر پوندي ته انهن جي اڪثريت صدقو ۽ خيرات ڪثرت سان ڪندي آهي ۽ لکين غريبن کي ڏسو ته انهن جي اڪثريت صدقو ۽ خيرات کان پَري ڀڄندي آهي.

پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو!

   الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! صدقي جي فضيلتن تي غور فرمايو! جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي عطا ڪيل مال کي الله پاڪ جي ئي راھ ۾ خرچ ڪري،