Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرت عَبدُالرَّحمٰن بن عَوف رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي: هڪ ڏينهن نبين جا سردار، مديني جا تاجدارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گھران ٻاهر نڪتا ۽ هڪ باغ ڏانهن رُخ ڪيائون، حضرت عَبدُالرَّحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ ڏسي سندن پويان پويان هلڻ لڳا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم باغ ۾ داخِل ٿيا، قبلي ڏانهن منهن ڪيو ۽ مٿو سجدي ۾ رکيائون، حضرت عَبدُالرَّحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ پري بيهي ڏسندا رهيا، فرمائن ٿا: بيڪسن جي مددگار، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام ڊگهو سجدو ڪيو، ايستائين جو مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي سجدي ئي جي حالت ۾ الله پاڪ رُوح مُبَارَڪ قبض نه ڪري ورتو هجي، اهو خيال ايندي ئي مان اڳتي وڌيس، منهنجي قدمن جو آواز ٻُڌي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مٿو مُبَارَڪ کڻي پڇيو: ڪير آهي؟ مون عرض ڪيو: حُضُور! عَبدُالرَّحمٰن۔ فرمايائون: ڪهڙو ڪم آهي؟ مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان ايترو ڊگھو سجدو ڪيو، مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي الله پاڪ سجدي ئي ۾ رُوح مُبَارَڪ قبض نه ڪري ورتو هجي۔
سچي عاشق جي محبت ڀري ڳالھ ٻڌي الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڊگھي سجدي جي حڪمت بيان ڪندي فرمايو: