Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

معلوم ٿيو: لڪائي ڪري صدقو ۽ خيرات ڪرڻ اسان جي حق ۾ بهتر آهي.

سڀني کان طاقتور ڪير...؟

  حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: جڏهن الله پاڪ زمين کي پيدا فرمايو ته لوڏا کائڻ لڳي ته الله پاڪ جبلن کي ان ۾ کوڙي ڇڏيو جنهن سان زمين بيهي رهي، ملائڪَ جبلن جي مضبوطي کان حيران ٿيا ۽ عرض ڪيائون: الهي! ڇا تو جبلن کان به وڌيڪ سخت ۽ مضبوط ڪا مخلوق پيدا فرمائي آهي؟ الله پاڪ فرمايو: ها! اهو لوھ آهي، انهن عرض ڪيو: الهي! ڇا تو لوھ کان به وڌيڪ مضبوط ڪا مخلوق بڻائي آهي؟ فرمايو: ها! اها باھ آهي. ملائڪن عرض ڪيو: مولا! ڇا باھ کان به وڌيڪ مضبوط ڪا مخلوق پيدا فرمائي آهي؟ ارشاد ٿيو: اهو پاڻي آهي. ملائڪن عرض ڪيو: اي ربّ! ڇا ڪا مخلوق پاڻي کان به وڌيڪ طاقتور پيدا فرمائي آهي؟ ارشاد فرمايو: اها هوا آهي. پوءِ اهي وري عرض ڪرڻ لڳا: اي پروردگار! ڇا هوا کان به وڌيڪ سخت ڪنهن مخلوق کي پيدا فرمايو آهي؟ الله پاڪ فرمايو: ها اهو انسان آهي جو جڏهن ساڄي هٿ سان صدقو ڪري ته ان کي کاٻي هٿ کان لِڪائي.[1]

   مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اهڙو (پوشيده) صدقو ڪرڻ وارو سخي ان سرڪش نفس کي تابعدار ڪري وٺندو آهي جيڪو جبل کان وڌيڪ سخت، سمنڊ ۽ هوا کان وڌيڪ طوفاني آهي، نفس پهريان ته بخل سيکاريندو آهي جڏهن سخاوت ڪئي وڃي ته ڏيکاءَ کي پسند ڪندو آهي، هي خفيه سخاوت ڪرڻ وارو نفس جي ٻنهي خواهشن کي لتاڙي ڇڏيندو آهي ۽ نفس جي باھ کي وسائي ڇڏيندو آهي لهٰذا


 

 



[1] ترمذی ،کتاب تفسیر القرآن،صفحہ:776،حدیث:3369۔