Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
به نه رهي بلڪه ٻيڻو رياڪاري جي سبب گناھ جو حقدار قرار ڏنو وڃي ته هي ڪيڏو وڏو نقصان آهي.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
قُـلۡ ہَـل نُنَبِّئُکُمۡ بِالۡاَخۡسَرِیۡنَ اَعۡمَـالًا (۱۰۳)ؕ اَلَّذِیۡنَ ضَـلَّ سَعۡیُہُـمۡ فِـی الۡحَیٰوۃِ الـدُّنۡیَا وَ ہُـمۡ یَحۡسَبُوۡنَ اَنَّہُـمۡ یُحۡسِنُوۡنَ صُنۡعًا (۱۰۴) (سيپارو: 16، سورة ڪهف: 103_104)
ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: ڇا اسان توهان کي ٻڌايون ته سڀني کان وڌيڪ ناقص عمل وارا ڪير آهن؟ اهي ماڻهو جن جي سموري ڪوشش دنيا جي زندگي ۾ تباهه ٿي وئي ۽ اهي هي خيال ڪري رهيا آهن ته اهي سٺا ڪم ڪري رهيا آهن
هنن آيتن ۾ ٻڌايو ويو ته اهو شخص جيڪو دنيا ۾ محنت ڪندو رهيو، ڪوشش ڪندو رهيو، ان ظاهري طور پنهنجو وقت ضايع نه ڪيو ۽ اهو سمجهي رهيو هو ته مان تمام سُٺا ڪم ڪري رهيو آهيان، مان کوڙ نيڪيون ڪمائي رهيو آهيان پر جڏهن قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو ته معلوم ٿيو ته اها سموري محنت، سموري ڪوشش ته ضايع ٿي وئي، هي اهو شخص آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن سڀني کان وڌيڪ نقصان ۾ هوندو. علّامه قُرۡطبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن ٻانهي جا اعمال ضايع ٿي ويندا يا ته ان ڪري جو هي بدعقيده هو، ڪافر هو، بدمذهب هو، يا وري ان ڪري اعمال ضايع ٿي ويندا جو هي رياڪاري ۽ ڏيکاءُ ڪندو هو.[1]
رياڪار الله پاڪ کان بدديانتي ڪرڻ وارو آهي
هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!