Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

تفسير صراطُ الجنان، تفسير نورُ العرفان ۽ خزائنُ العرفان جي مدد سان انهن آيتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو! اِنْ شَآءَاللہُ الْکَرِیْم! کوڙ علمِ دين به سکڻ جي لاءِ ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته نورِ قرآن سان دل روشن ٿيندي. اچو انهن آيتن ۾ بيان ڪيل صدقي جا آداب ٻڌون ٿا:

(1-2): تڪليف ڏيڻ ۽ احسان جَتائِڻ کان بچو!

صدقي جا پهريان 2 آداب هي آهن ته ماڻهو صدقو ڏي ته جنهن کي صدقو ڏنو آهي، (1): نه ان کي تڪليف پهچائي، (2): نه ئي احسان جتائي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَلَّذِیۡنَ یُنۡفِقُوۡنَ اَمۡوَالَہُمۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ثُمَّ لَا یُتۡبِعُوۡنَ مَاۤ  اَنۡفَقُوۡا مَنًّا وَّ لَاۤ  اَذًی ۙ   لَّہُمۡ اَجۡرُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ ۚ   وَ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ  وَ لَا ہُمۡ  یَحۡزَنُوۡنَ (۲۶۲) قَوۡلٌ مَّعۡرُوۡفٌ وَّ مَغۡفِرَۃٌ خَیۡرٌ مِّنۡ صَدَقَۃٍ یَّتۡبَعُہَاۤ  اَذًی ؕ   وَ اللّٰہُ غَنِیٌّ حَلِیۡمٌ (۲۶۳)

(سيپارو: 3، سورة بقرة: 262_ 263)

ترجموڪنزالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن پوءِ پنهنجي خرچ ڪرڻ کان بعد نه احسان جتائيندا آهن ۽ نه تڪليف ڏيندا آهن انهن جو انعام انهن جي رب وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف هوندو، ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. چڱي ڳالهه چوڻ ۽ معاف ڪرڻ ان خيرات کان بهتر آهي جنهن کان بعد ستائڻ هجي ۽ الله بي پرواهه، بردبار آهي.

  معلوم ٿيو: جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ صدقو ۽ خيرات ڪن ٿا، الله پاڪ جي راھ ۾ پنهنجو مال ڏين ٿا، پوءِ جيڪڏهن جنهن کي صدقو ڏنو آهي، نه ان کي تڪليف ڏين، نه احسان جتائين ته انهن جي لاءِ الله پاڪ وٽ وڏو اجر ۽ ثواب آهي، اهو قيامت جو هولناڪ ڏينهن جڏهن سج باھ وَسائي رهيو هوندو، ٽامي جي زمين باھ جيان ٽهڪي رهي