Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

جيئن پاڻي باھ کي وسائيندو آهي.[1] صدقو جهنّم جي باھ کان بچائيندو آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي جيڪو الله پاڪ جي رضا جي خاطر صدقو ڪري ته اهو صدقو ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي. صدقو الله پاڪ جي غضب کي وسائيندو آهي ۽ بُري موت کي دَفع (يعني دور ڪندو) آهي فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صدقو ڏيڻ ۾ جلدي ڪيو جو بلا صدقي کي ناهي اورانگهيندي. صدقو ڪرڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو.[2] صدقو بُرائي جا 70 دروازا بند ڪندو آهي.[3] صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي. مُسلمان جو صدقو ان جي عُمر کي وڌائيندو آهي. الله پاڪ صدقي جي برڪت سان تڪبر ۽ غرور کي دور ڪري ڇڏيندو آهي.[4] صدقو 70 قِسمن جي بلائن کي روڪيندو آهي جن ۾ گهٽ درجي واري بَلا بدن بگڙجڻ ۽ اڇا داغ آهن.[5]

صدقي جا 4 آداب

    پيارا اسلامي ڀائرو! جن کي الله پاڪ توفيق بخشي آهي، اُهي صدقو ۽ خيرات ڪندا ئي آهن، زڪوات ڏيڻ وارا زڪوات ڏيندا آهن ۽ کوڙ الله پاڪ جا نيڪ ٻانها نفلي صدقو به ڏيندا رهندا آهن، الله پاڪ انهن سڀني جون ڪاوشون پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي.

   صدقو ڪرڻ سان گڏو گڏ ان جي آداب جو لحاظ به ضروري آهي، سيپارو: 3، سورة بقرة، آيت: 261 کان 274 يعني 13 آيتن ۾ صدقي جي فضائل ۽ آداب کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، ڪوشش ڪري هنن مبارڪ آيتن کي پڙهو!


 

 



[1] ابنِ ماجہ ، كتاب الفتن ،باب كف اللسان فى الفتنہ  ،صفحہ:649 ، حديث:3973۔

[2] سننِ کبری للبیہقی،کتاب الزكاة ، باب التحریض علی...الخ ،جلد:4 ،صفحہ:379 ،حديث:7751۔

[3] معجمِ  کبير،جلد:3 ،صفحہ:148 ،حديث:4276۔

[4] معجمِ کبیر ،جلد:6 ،صفحہ:440،حدیث:13508۔

[5] تاریخِ بغداد،جلد:8 ،صفحہ:204 ۔