Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
مالڪ نه بلڪه نائِب ۽ وڪيل جيان آهيو.[1]
قارون وڏو مالدار هو، ان جيترو مالدار اڄ به شايد دنيا ۾ نه هجي، ان جو خزانو نه بلڪه ان جي خزاني جون صرف چاٻيون ڪيئي اُٺن تي رکيون وينديون هيون، اهو مال جي آفت ۾ مُبتلا ٿيو، ان الله پاڪ جي نبي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي گستاخي به ڪئي، الله پاڪ جي احڪام جي نافرماني به ڪئي، آخر ان کي زمين ۾ غرق ڪيو ويو، الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَخَسَفۡنَا بِہٖ وَ بِدَارِہِ الۡاَرۡضَ فَمَا کَانَ لَہٗ مِنۡ فِئَۃٍ یَّنۡصُرُوۡنَہٗ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ وَ مَا کَانَ مِنَ الۡمُنۡتَصِرِیۡنَ (۸۱)
(سيپارو: 20، سورة قصص: 81)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ اسان ان کي ۽ ان جي گهر کي زمين ۾غرق ڪري ڇڏيو سو ان وٽ ڪا جماعت نه هئي جيڪا الله جي مقابلي ۾ ان جي مدد ڪري ها ۽ نه اهو پاڻ (پنهنجي) مدد ڪري سگهيو.
قارون مال جي محبت ۽ حرص ۽ هَوس ۾ اچي ڪري ڪيئي غلط ڪمَ ڪيا پر ان جي اصل بيماري تي غور ڪيو! اها ڪهڙي باطني بيماري هئي، جنهن سبب قارون مال جي آفت ۾ مُبتلا ٿيو ۽ الله پاڪ جي قهر ۽ غضب جو شڪار ٿي ويو، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ان جي باطني بيماري جو ذڪر ڪيو. ارشاد ٿئي ٿو:
قَالَ اِنَّمَاۤ اُوۡتِیۡتُہٗ عَلٰی عِلۡمٍ عِنۡدِیۡ ؕ (سيپارو: 20، سورة قصص: 78)
ترجمو ڪنزالعرفان: (قارون) چيو: هي ته مونکي هڪ علم جي ذريعي مليو آهي جيڪو مون وٽ آهي.