Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

قيامت جي ڏينهن ڪهڙي شيءِ نجات ڏياريندي؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ سان بدديانتي نه ڪرڻ. ان شخص وري عرض ڪيو: ٻانهو الله پاڪ سان بدديانتي ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ فرمايائون: هن طرح جو تون الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانبرداري وارو ڪم غيرُ الله کي راضي ڪرڻ جي لاءِ ڪرين. بَس رياڪاري کان بچندو رھ ڇوته رياڪاري شرڪِ (اصغر) آهي ۽ قيامت جي ڏينهن رياڪار کي 4 نالن سان سڏيو ويندو: (1): اي بدڪار! (2): اي ڌوڪيباز! (3): اي ڪافر! (4): اي نقصان کڻڻ وارا! تنهنجو عمل خراب ٿيو، تنهنجو عمل برباد ٿيو، اڄ تنهنجي لاءِ ڪو حصو ناهي، اي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا! پنهنجو ثواب ان وٽ تلاش ڪر جنهن جي لاءِ عمل ڪندو هئين.[1]

ہم ریاکاری سے بچتے ہی رہیں                                    یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!

نفس و شیطاں کی شرارت دور ہو                                یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!

لڪائي صدقو ڪرڻ  جا  فضائل

   اي عاشقانِ رسول! زڪوات، فطرو، صدقو ۽ خيرات وغير اعلانيه طور تي (يعني ماڻهن جي سامهون) ڏيڻ به جيتوڻيڪ جائز آهي، باقي عافيت انهيءَ ۾ آهي ته ٻانهو لڪائي ڪري صدقو ۽ خيرات ڪري، هن طرح رياڪاري جي آفت کان بچڻ آسان آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنۡ تُبۡدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمَّا ہِیَ ۚ   وَ اِنۡ تُخۡفُوۡہَا وَ تُؤۡتُوۡہَا الۡفُقَرَآءَ فَہُوَ خَیۡرٌ لَّکُمۡ ؕ

(سيپارو: 3، سورة بقرة: 271)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان خيرات ظاهر ڪري ڏيندؤ ته اها ڪهڙي نه چڱي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن توهان لڪائي فقيرن کي ڏيو ته اهو توهان جي لاءِ سڀ کان بهتر آهي


 

 



[1] اَلْاِتْحَاف ُالْخِیرۃ ،کتاب العلم،باب التحذیر  من الریاء…الخ،جلد:1، صفحہ:260 ،حدیث:400۔