Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

   الله پاڪ اسان کي دل کولي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري، ۽ الله پاڪ جي ڏنل مال مان ان جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي سعادت ۾ ماڻيون. اچو! راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل ٻڌون ٿا:

صدقو ڪرڻ سان ملائڪن جون دعائون ملنديون آهن

   صحابيءِ رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اهڙو ڪو ڏينهن نه آهي جنهن ۾ ٻانها صبح ڪن ۽ 2 ملائڪَ نه لهن جن مان هڪ چوندو آهي: الٰهي! سخي کي نهايت چڱو عيوض ڏي ۽ ٻيو چوندو آهي: الٰهي! ڪنجوس کي بربادي ڏي.[1]

   هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني سخي جي لاءِ دعا ۽ ڪنجوس جي لاءِ بد دعا روزانو ملائڪن جي واتان نڪرندي آهي جيڪا يقيناً قبول آهي.[2]

سخاوت الله پاڪ جي عطا مان آهي

   حضرت ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما کان مروي آهي فرمائن ٿا: حضورِ اڪرم نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: سخاوت الله پاڪ جي عطا سان آهي، سخاوت ڪيو الله پاڪ توهان کي وڌيڪ عطا فرمائيندو، ٻڌو! الله پاڪ سخاوت کي پيدا فرمائي ڪري هڪ مرد جي صورت عطا فرمائي ۽ ان جي اصل کي طوبٰي وڻ جي پاڙ ۾ مضبوط ڪري ڇڏيو ۽ ٽارين کي سدرةُ المُنتهٰي جي ٽارين سان مضبوط ڪري ڇڏيو ۽ ان جي ڪجھ ٽارين کي دنيا جي طرف جهڪائي ڇڏيو ته جيڪو شخص ان جي هڪ ئي ٽاري پڪڙي وٺي الله پاڪ ان کي جنّت ۾ داخل فرمائي ڇڏيندو آهي، ٻڌو! بيشڪ سخاوت ايمان مان ئي آهي ۽ ايمان جنّت ۾


 

 



[1] بخاری،کتاب الزکاۃ ،باب قول اللہ تعالیٰ:فاما من اعطی…الخ ،صفحہ:402 ،حدیث:1442۔

[2] مراٰۃ المناجیح، جلد:3 ،صفحہ:69۔