Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

جي باري ۾ هيءَ آيت نازل ٿي ۽ فرمايو ويو ته الله پاڪ جي راھ ۾ پنهنجو ڪمايل پاڪيزه ۽ صاف سٿرو مال ڏيندا ڪيو! الله پاڪ جي راھ ۾ ناقص، خراب ۽ بيڪار مال نه ڏيندا ڪيو، جڏهن توهان الله پاڪ کان سُٺي جزا چاهيو ٿا ان جي راھ ۾ مال به اعلٰي درجي جو ڏيندا ڪيو! غور ڪيو جهڙيءَ طرح خراب مال توهان راھِ خُدا ۾ ڏيندا آهيو جيڪڏهن اهو ئي مال توهان کي ڏنو وڃي ته ڇا توهان قبول ڪندؤ! پهريان ته قبول ئي نه ڪندؤ ۽ جيڪڏهن ڪيو به ته دل سان نه وٺندؤ بلڪه دل ۾ بُرو ڄاڻيندي وٺندؤ جڏهن پنهنجي لاءِ سُٺو وٺڻ جي لاءِ سوچيندا آهيو ته راھِ خُدا ۾ خرچ ڪيو ويندڙ جي باري ۾ به سُٺو ئي سوچيو. ڪيئي ماڻهو پاڻ ته سُٺو استعمال ڪندا آهن پر جڏهن راھِ خُدا ۾ ڏيڻو هوندو آهي ناقابِلِ استعمال ۽ خراب قِسم جو ڏيندا آهن. انهن جي لاءِ هن آيت ۾ عبرت آهي.[1]

خراب جي بدلي خراب

   پنهنجي دؤر جا ابدال حضرت ابو جعفر بن خطاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا، منهنجي دروازي تي هڪ سائل (يعني سواليءَ) صدا هنئي مون گهرواريءَ کان پُڇيو ته ڇا تو وٽ ڪجهه آهي؟ جواب مليو چار آنا آهن مون چيو، فقير کي ڏئي ڇڏيو، انهن ڏئي ڇڏيا. سائل آنا وٺي هليو ويو، اڃان ٿوري دير مس گذري ته مون وٽ هڪ دوست آنن سان ڀريل هڪ ٽوڪري موڪلي. مون گهران پُڇيو، هن ۾ ڪل ڪيترا آنا آهن؟ انهن چيو: 30.، مون چيو: توهان ته فقير کي 4 آنا ڏنا هئا، هي 30 ڪهڙي حساب سان آيا! چوڻ لڳيون 30 آنا صحيح آهن ۽ باقي 10 ڀڳل آهن، حضرت شيخ علامه يافعي يَمني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا، ڪجهه ماڻهو هن حڪايت جي متعلق بيان ڪن ٿا ته سائل کي جيڪي آنا ڏنا ويا هئا انهن مان ٽي صحيح ۽ هڪ ڀَڳل هيو. رب تعاليٰ هر هڪ جي بدلي ۾ ڏهه ڏهه عطا فرمايا. صحيح جي بدلي صحيح ۽ ڀڳل جي بدلي ڀڳل.[2]  الله پاڪ اسان کي بهترين شيون ڏيڻ، خوب دل


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ:3 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:167 ،جلد:1 ،صفحہ:404۔

[2] روض الریاحین ،الحکایۃ الخامسۃ و العشرون بعد الثلاثمائمۃ …الخ،صفحہ:262۔