Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

   معلوم ٿيو: هر مومن جو مال ۽ ان جي جان الله پاڪ جي ملڪيت آهي، لهٰذا ڪو مومن پنهنجي ڪنهن شيءِ ۾ ملڪيت جي دعوا نه ٿو ڪري سگهي.[1]

صدقي جا فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ مثال آهي: فرض ڪيو اسان جو ڪو عزيز، ڪو دوست وغيره پنهنجو مال امانت طور اسان وٽ رکرائي ۽ چئي ته ضرورت هجي ته هن مان استعمال به ڪري وٺجو، پوءِ اهو اسان کي چئي: مان فلاڻي شخص کي موڪلي رهيو آهيان، منهنجي مال مان هيتري رقم ان کي ڏيو! ڇا اسان انڪار ڪنداسين؟ ڇا اسان جو انڪار ڪرڻ درست هوندو؟ نه...!! هرگز درست نه هوندو.

   پوءِ ٿورو سوچيو: اسان وٽ جيڪو مال آهي، هي اسان جو ناهي، الله پاڪ جو آهي، اهو ئي ان جو خالق آهي، اهو ئي مالڪ آهي، اسان کي ان عطا فرمايو، اسان ان جي مال جي معاملي ۾ الله پاڪ جي احڪامن جا پابند آهيون، اهو حڪم ڏي: ان مان اڍائي فيصد (2.5٪)زڪوات ڏيو: اسان زڪوات ڏئي ڇڏينداسين، ان جو حڪم ٿي فطرو ادا ڪيو! اسان فطرو ادا ڪري ڇڏينداسين هو جيڪو حڪم فرمائي، اسان ڪرڻ جا پابند آهيون پر الله پاڪ جون ڪرم نوازيون ڏسو! مال الله پاڪ جو آهي، پيدا ان ڪيو آهي، اسان کي ان عطا فرمايو آهي، پوءِ اسان ان جي حڪم تي، انهيءَ مال کي، انهيءَ جي راھ ۾ خرچ ڪيون ته الله پاڪ ان کي قرض فرمائيندو آهي ۽ ان تي وڏي اجر جو واعدو به فرمائيندو آهي. جي ها! قرآنِ ڪريم ۾ آهي:


 

 



[1] اَلْاَنْوَارُ الْقُدْسِیَّۃ فی بیان آداب العبودیہ،صفحہ:31 خلاصۃً۔