Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
قارون جو مڃڻ هو ته هي جيترو مال ۽ دولت ۽ خزانو آهي، هي سڀ منهنجي ذاتي ملڪيت آهي، منهنجي محنت جو نتيجو آهي، مان هڪ علم ڄاڻان ٿو ان علم جي بدولت مون کي هي سڀ مليو آهي، بَس ان کي انهيءَ بُري سوچ ۽ گمان ۽ هن باطني بيماري ڇڏيو ۽ قارون غضبِ الٰهي ۾ مُبتلا ٿي ڪري بُري خاتمي جو شڪار ٿي ويو.
اي عاشقانِ رسول! هي ڳالھ اسان کي هرگز نه وسارڻ گهرجي ته اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون، لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ چئي ڪري اسان اقرار ڪندا آهيون ته اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون، اهو ئي اسان جو ربّ آهي، اهو ئي اسان جو خالق آهي، اهو ئي اسان کي پالي ٿو، اهو ئي اسان کي رزق ڏي ٿو، لهٰذا اهو ئي هڪ واحد سچو خُدا آهي جيڪو عبادت جي لائق آهي. لهٰذا پنهنجي بندگي کي هميشه ياد رکڻ گهرجي. علّامه شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: بندگي جي آداب مان هڪ ادب آهي ته ٻانهي کي جيڪو ڪجھ عطا ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪنهن شيءِ جي باري ۾ پنهنجي ملڪيت جي نه دعوا ڪري، نه ئي پنهنجي دل ۾ هي خيال آڻي ته مان ان شيءِ جو مالڪ آهيان.
علّامه ابو الحسن شاذلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪنهن شيءِ جي باري ۾ ملڪيت جي دعوا ڪرڻ ۽ دل ۾ ان جي ملڪيت جو خيال آڻڻ کان بچو! ڇوته جيڪو ٻانهو ملڪيت جي دعوا ڪندو آهي، اهو (ڪامل) مومن ناهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّ اللّٰہَ اشۡتَرٰی مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمۡ وَ اَمۡوَالَہُمۡ (سيپارو: 11، سورة توبھ: 111)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله مسلمانن کان انهن جون جانيون ۽ انهن جا مال هن بدلي ۾ خريدي ورتا.