Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

وڏو بهادر آهي، خفيه صدقي سان غضبِ الهي جي باھ وسامندي آهي، ربّ جي رضا حاصل ٿيندي آهي، هي نعمتون جبل، لوھ، باھ، پاڻي، هوا کان حاصل نه ٿيون ٿي سگهن، تنهنڪري هي صدقو انهن سڀني کان بهتر آهي.[1]

 الله پاڪ اسان کي رياڪاري جي آفت کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

میرا ہر عمل بس تیرے واسطے ہو                             کر اخلاص ایسا عطا یا الٰہی!

(4): بهترين شيون راھِ خُدا ۾ خرچ ڪيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! زڪوات ۽ ٻين صدقن ۽ خيرات وغيره جي آداب مان چوٿون ادب هي آهي ته ماڻهو پنهنجي مال مان بهترين شيون راھِ خُدا ۾ خرچ ڪري. قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنۡفِقُوۡا مِنۡ طَیِّبٰتِ مَا کَسَبۡتُمۡ وَ مِمَّاۤ اَخۡرَجۡنَا لَکُمۡ مِّنَ الۡاَرۡضِ ۪ وَ لَا تَیَمَّمُوا الۡخَبِیۡثَ مِنۡہُ تُنۡفِقُوۡنَ وَ لَسۡتُمۡ بِاٰخِذِیۡہِ اِلَّاۤ اَنۡ تُغۡمِضُوۡا فِیۡہِ ؕ وَ اعۡلَمُوۡۤا  اَنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ (۲۶۷)

(سيپارو: 3، سورة بقرة: 267)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجي پاڪ ڪمائين مان ۽ ان مان جيڪو اسان توهان جي لاءِ زمين مان ڪڍيو آهي (الله جي واٽ ۾) ڪجهه خرچ ڪيو ۽ خرچ ڪندي خاص ناقص مال (ڏيڻ) جو ارادو نه ڪيو حالانڪ (جيڪڏهن اهو ئي توهان کي ڏنو وڃي ته) توهان ان کي چشم پوشي ڪندي بغير قبول نه ڪندؤ  ۽ ڄاڻ رکو ته الله بي پرواهه، حمد جي لائق آهي.

 تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: ڪجھ ماڻهو صدقي ۾ خراب مال ڏيندا هئا انهن


 

 



[1] مراٰۃ المناجیح،جلد:3،صفحہ:114۔