Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
جي لاءِ ان شخص کان معافي گهرڻ به ضروري آهي، نه ته توبھ مڪمل نه ٿيندي.
صدقي جو ٽيون ادب هي آهي ته صدقي ۽ خيرات ۾ نيّت سُٺي رکي وڃي، صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ صدقو ڪيو وڃي، رياڪاري، ڏيکاءُ ۽ پنهنجي واھ واھ جي خواهش نه رکي وڃي. جيڪي ماڻهن کي ڏيکارڻ يا پنهنجي واھ واھ ڪرائڻ جي لاءِ راھِ خُدا ۾ خرچ ڪندا آهن، الله پاڪ انهن جي لاءِ عبرتناڪ مثال ذڪر ڪيو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
فَمَثَلُہٗ کَمَثَلِ صَفۡوَانٍ عَلَیۡہِ تُرَابٌ فَاَصَابَہٗ وَابِلٌ فَتَرَکَہٗ صَلۡدًا ؕ لَا یَقۡدِرُوۡنَ عَلٰی شَیۡءٍ مِّمَّا کَسَبُوۡا ؕ
(سيپارو: 3، سورة بقرة: 264)
ترجمو ڪنزالعرفان: جيئن هڪ لسو پٿر هجي جنهن تي مٽي آهي پوءِ ان تي سخت بارش پئي جنهن ان کي صاف پٿر ڪري ڇڏيو، اهڙا ماڻهو پنهنجي ڪمايل عملن سان ڪنهن به شيء تي قدرت نه ماڻيندا.
جهڙيءَ طرح منافق انسان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي واھ واھ ڪرائڻ جي لاءِ مال خرچ ڪندو آهي پر ان جو ثواب برباد ٿي ويندو آهي اهڙيءَ طرح فقير تي احسان جتائڻ واري ۽ ان کي تڪليف ڏيڻ واري جو ثواب به ضايع ٿي ويندو آهي. ان جو مثال هيئن سمجهو ته جيئن هڪ لسو پٿر هجي ۽ ان جي مٿان مٽي پيل هجي، جڏهن ان تي تيز مينهن وسي ته پٿر بلڪل صاف ٿي ويندو آهي ۽ ان تي مٽي جو نالو نشان ئي باقي ناهي رهندو. اهو ئي حال منافق جي عمل جو آهي جو ڏسڻ وارن کي معلوم ٿيندو آهي ته عمل آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اهي تمام عملَ باطل ٿيندا.
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ماڻهو پنهنجي محنت جي ڪمائي راھِ خُدا ۾ خرچ ڪري، پوءِ رياڪاري جي سبب ان جي ثواب جو حقدار