Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
کان پوءِ مون کي تنهنجو آسرو آهي۔ مان اُنهيءَ ذات جو واسطو ڏئي توکان سوال ڪيان ٿو، جنهن توکي اکيون عطا ڪيون تون مون کي هڪ ٻڪري ڏي ته جيئن مان پنهنجي منزل تائين پهچي سگھان۔ ته هو چوڻ لڳو: واقعي مان پهريان نابين هئس، الله پاڪ مون کي اکيون عطا ڪيون ۽ غريب هئس، الله پاڪ مون کي غني ڪري ڇڏيو، تون جيترو چاهين هن مال مان کڻي وٺ ۽ جيترو چاهين ڇڏي ڏي۔ الله پاڪ جو قسم! تو جيترو مال الله پاڪ جي خاطر وٺڻ چاهين ٿو کڻي وٺ.
اهو ٻڌي ملائڪ چيو: تنهنجو مال توکي مُبارڪ هجي، اهو سمورو مال تون پاڻ وٽ ئي رک۔ توهان ٽنهي جو اِمتحان ورتو ويو، تنهنجي لاءِ الله پاڪ جي رضا آهي ۽ تنهنجي ٻنهي دوستن (يعني ڪوڙھي ۽ گنجي) جي لاءِ الله پاڪ جي ناراضي آهي.[1]
عفو کر اور سدا کے لئے راضی ہو جا گر کرم کر دے تو جنت میں رہوں گا یا ربّ!
تو ہے معْطی وہ ہیں قاسِم یہ کرم ہے تیرا تیرے محبوب کے ٹکڑوں پہ پلوں گا یا ربّ![2]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد
مال جي آفت ڪٿان کان شروع ٿيندي آهي؟
پيارا اسلامي ڀائرو! حديثِ پاڪ ۾ بيان ٿيڻ واري هن سبق آموز واقعي ۾ اسان جي لاءِ عبرت جا کوڙ مدني گُل آهن، هڪ اهم مدني گُل جيڪو هن واقعي مان سکڻ جي لاءِ ملي ٿو اهو هي ته مال جون کوڙ آفتون آهن. مال انسان کي مغرور بڻائي ڇڏيندو آهي. مال جي سبب انسان غفلت جو شڪار ٿي