Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  نابين، ڪوڙه واري ۽ گنجي جو امتحان

   هڪ ڊگهي حديثِ پاڪ ۾نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحِيم صَلَّي اللّٰه عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بني اسرائيل جي 3 ماڻهن جو واقعو بيان فرمايو، تمام عبرتناڪ ۽ سبق آموز واقعو آهي، مان توهان کي پنهنجي لفظن ۾ خلاصو ٻڌايان ٿو. بني اسرائيل ۾ ٽي(3) شخص هئا انهن مان هڪ بَرَص (ڪوڙھ يعني جسم تي سفيد نشانن) جو مريض، ٻيو گنجو، ۽ ٽيو نابين هو. الله انهن جي آزمائش جي لاءِ هڪ ملائڪ کي انساني شڪل ۾ موڪليو، هاڻي اهو ملائڪ سڀ کان پهريان بَرَص (يعني ڪوڙھ) واري مريض وٽ آيو ۽ اُن کان پڇيو: توکي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءَ پسند آهي؟

   (هي انساني عجيب طبيعت آهي جو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي پسند ڪندو آهي، جيڪا ان وٽ ناهي هوندي، برص جي مريض جي جسم تي ڇو ته اڇا داغ هئا، ان وٽ صاف رنگ ۽ صاف سٿري جلد (Skin) نه هئي،  جيئن ته ملائڪ جي سوال تي) بَرص جي مريض چيو:


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔