Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪيتري خوبصورت ڳالھ آهي، قرآن ڪريم جو هي جملو پنهنجي دل تي نقش ڪرڻ گهرجي: اَلْوَلَایَةُ لِلّٰهِ الْحَقِّؕ-  يعني سمورو اختيار سچي الله جي ئي لاءِ آهي. اسان ڪهڙي ڳالھ تي غرور ڪيون، ڪهڙي ڳالھ تي فخر ڪيون، ڪهڙي ڳالھ تي تڪبّر ڪيون؟ اسان جو ڇا آهي؟ اَلْوَلَایَةُ لِلّٰهِ الْحَقِّؕ- سمورو اختيار سچي الله جو آهي.

     جے چاہویں تے راہ جاندے نُوں تخت عطا فرماویں

جے چاہوَیں تے شاہاں کولوں در در خیر منگاویں

وضاحت: اي الله پاڪ! تون بي نياز آهين، تون چاهين ته غريبن فقيرن کي تخت عطا فرمائي ڇڏين ۽ جي تون چاهين ته بادشاهن کي فقير بڻائي ڇڏين.
* انڪري ڪڏهن به فخر نه ڪيو * تڪبّر نه ڪيو * غرور نه ڪيو * الله پاڪ مال عطا ڪيو آهي ته هي ان جي عطا آهي  * ان ڪنهن کي غريب رکيو آهي ته هي ان جي تقسيم آهي. صرف مٿو جهڪائي رکو. حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لِلّٰہِ رَفَعَہُ اللہ يعني جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي.[1]

مٹا دے اپنی ہستی کو اگر کچھ مرتبہ چاہے

کہ دانہ خاک میں مِل کر گُلِ گلزار بنتا ہے

الله پاڪ اسان کي * مال ۽ دولت * حُسن و جمال * چڱي آواز * چڱا اخلاق *  گهڻي عقلمندي * تيز دماغ ۽ ٻين نعمتن جي معاملي ۾ فخر و


 

 



[1] معجم اوسط، جلد:3، صفحہ:382، حدیث:4894۔