Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

غرور نه بلڪ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو...!!

پر ان غير مسلم مالدار تي دولت جو نشو چڙهيل هو، هُو غرور تڪبر ۽ فخر ۽ وڏائي ۾ مبتلا هو، پوءِ ان جي فخر و تڪبر جو نتيجو ڇا نڪتو...!! اُن تي الله پاڪ جو عذاب آيو، ان جا لهرائيندڙ، گهاٽا، سرسبز باغ سڀئي تباھ ٿي ويا، ان جي ٻي مال ۽ اسباب تي به عذاب نازل ٿيو، ان جو سڀ ڪجھ برباد ٿي ويو، هاڻي هو هٿ مليندي رهجي ويو ۽ غريب مسلمان جي نصيحت کي ياد ڪندي چئي رهيو هو:

یٰلَیْتَنِیْ لَمْ اُشْرِكْ بِرَبِّیْۤ اَحَدًا(۴۲)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ڪاش! مون پنهنجي ربّ سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو هجي ها. [1]

ڪاش! مون پنهنجي ربّ سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو هجي ها.....!! ڪاش! مان ان مسلمان جي نصيحت مڃي وٺان ها.....!![2] پر

اب کیا ہوت، جب چڑیا چگ گئیں کھیت

الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَمْ تَکُنْ لَّہٗ  فِئَۃٌ  یَّنْصُرُوْنَہٗ  مِنْ  دُوْنِ  اللّٰہِ  وَ مَا  کَانَ  مُنْتَصِرًا  (ؕ۴۳) ھُنَالِکَ الْوَلَایَۃُ لِلّٰہِ الْحَقِّ ؕ ہُوَ خَیْرٌ ثَوَابًا  وَّ  خَیْرٌ  عُقْبًا (۴۴)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان وٽ ڪا جماعت نه هئي جيڪا الله جي اڳيان ان جي مدد ڪري ها ۽ نه ئي اهو پاڻ بدلو وٺڻ جي قابل هو. هتان پتو پيو ته سمورو اختيار سچي الله جي ئي لاءِ آهي.[3]


 

 



[1] پارہ:15، اَلْکَہْف:42

[2] رُوْحُ الْمَعَانِی، پارہ: 15، سورۂ کہف، زیر آیت:32تا42، جلد:8، صفحہ:344تا356 خلاصۃً۔

[3] پارہ:15، اَلْکَہْف:43، 44