Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

ڪيان. ۽ ايئن ڇونه ٿيو ته جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ وئين ته چئين ها: (هي سڀ اهو آهي) جيڪو الله گهريو، سڄي طاقت الله جي مدد سان ئي آهي جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي مقابلي ۾ مال ۽ اولاد ۾ گهٽ ڏسي رهيو آهين ته قريب آهي جو منهنجو ربّ مون کي تنهنجي باغ کان سٺو ڏي ۽ تنهنجي باغ تي آسمان کان کنوڻ ڪيرائي ته اهو پَٽ ٿي صاف ميدا ٿي وڃي. يا ان باغ جو پاڻي زمين ۾ تمام هيٺ لهي وڃي پوءِ تون ان کي هرگز تلاش نه ڪري سگهين. [1]

يعني اي غرور ڪرڻ وارا! تون ايئن ڇو ٿو ڪرين...؟ ڇا تون ان قدرتن واري ربّ جو انڪار ڪرين ٿو. * جنهن مٽي مان نطفو بڻايو. * پوءِ هن نطفي سان تو کي صحيح سلامت درست اعضاء وارو انسان بڻايو. ڪيترو چڱو ٿئي ها ته جڏهن تون باغ ۾ داخل ٿيو هئين ته الله پاڪ جي نعمتن جو اقرار ڪرين ها، انهن نعمتن کي پنهنجي فضيلت نه بلڪه الله پاڪ جو انعام سمجهين ها ۽ ان جو شڪر ادا ڪندي چئين ها: مَا شَآءَ اللہ، لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ جيڪڏهن تون ايئن ڪرين ها ته تنهنجي حق ۾ بهتر ٿئي ها. پر تون تڪبر ڪندي مون کي غريب ۽ نادار سمجهي رهيو آهين ڇا اهو ممڪن ناهي ته هن باغ تي آسماني بجلي ڪِري ۽ سڀ ڪجھ تباھ و برباد ٿي وڃي ۽ الله پاڪ مونکي تنهنجي باغ کان به بهتر باغ عطا  ڪري ڇڏي.

يعني الله پاڪ توکي مال عطا ڪيو، مون کي غريب رکيو، هي ان جي تقسيم آهي، ان جي عنايت آهي، اهو جنهن کي چاهي، جيئن چاهي رکي، ان ۾ غرور جي ڪهڙي ڳالھ آهي، هي به ته ممڪن آهي ته تون ڪنگال ٿي وڃين ۽ مون کي عطا ڪيو وڃي، ڇا پوءِ اهو صحيح ٿيندو ته مان غرور ڪيان...؟ هرگز نه، غرور ڪرڻ وارا اُن ربّ ڪريم کي هرگز پسند ناهن ايندا، تنهنڪري


 

 



[1] پارہ:15، اَلْکَہْف:37تا41